ملير: قادر نگر واسين جو سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

20ورهين کان علائقي ۾ ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو ويو: رهواسي

ملير: قادر نگر واسين جو سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

ملیر (رپورٽر) ملير جي علائقي يوسي گھگھر جي قادر نگر جي رھائشين پاران بنيادي سھوليتون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان حوالي سان قادر نگر جي رھواسين حاڪم بگٽي سدورو دايو ناظم مگسي اعجاز چانڊيو گل حسن پتافي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ويهن سالن کان اسان جي علائقي ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو ويو آهي ھر اليڪشن دوران نمائندا وعدا ڪري ووٽ وٺي گم ٿي ويندا آهن پر ھن مھل تائين پاڻي، بجلي گيس توڙي اسڪول يا اسپتال سميت ڪا به سرڪاري اسڪيم ناهي ڏني وئي جڏهن ته اسان جا ھزار کان مٿي ووٽ به داخل ٿيل آهن پر ھر ڀيري اسان کي ئي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي ھنن چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سندن جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن