English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
views
|
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پاران سنڌ ايمپلائيز الائنس جي مطالبن جي حمايت جو اعلان
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سنڌ ايمپلائيز الائنس جي مطالبن جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو تہ سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري. پيپلز پارٽي ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي. سنڌ حڪومت پينشن ۾ ڪٽوتي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري رھي آھي ۽ بلاول ھمدردي جا ڪوڙا بيان پيو جاري ڪري. اياز لطيف پليجي چيو تہ فوري طور تي سنڌ ايمپلائيز الائنس جا مطالبا منظور ڪري پينشن ۾ ڪٽوتي جو نوٽيفيڪشن واپس ورتو وڃي. ڊسپرٽي ريڊڪشن الائونس ۽ گروپ انشورنس ڏئي ملازمن جو معاشي تحفظ ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ بدترين معاشي حالتون آھن، غربت، بيروزگاري ۽ بدحالي آھي، زرعي تباھي جي ڪري لکين خاندان بيروزگار آھن. سنڌ م ڪا به نئين انڊسٽري تہ نہ لڳي آھي پر اڳ ۾ موجود ادارا تباھ ٿيا آھن. نوڪريون وڪرو ٿين ٿيون. مھانگائي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي. مزدور ۽ ھاري جي حالت رحم جوڳي ٿي وئي آھي. ان باوجود سنڌ ۾ طرز حڪمراني بادشاھي آھي. حڪومت چوي ٿي تہ خرچ گهٽ ڪرڻا آهن. پر سنڌ ۾ وزير اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ ۽ بي تاج بادشاھ آھن تہ ٻئي طرف پ پ حڪومت ايم پي ايز جون پگھارون ٽي سئو سیڪڙو وڌائي ڇڏيون آھن. سرڪاري ملازمن توڙي پورھيتن جي پگھار ۾ ڪو بہ اضافو نٿو ڪيو وڃي. سرڪاري ملازمن جون بدليون بہ وزير پئسا وٺي ڪن ٿا ۽ ھاڻ پيشن، الائونس ۽ گروپ انشورنس تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. ان کانسواءِ ڳرا ٽيڪس مڙهيا ويا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھڪ هفتي کان تعليمي ادارن ۽ ٻين سرڪاري آفيسن ۾ تالابندي آهي، جيڪا 6 آڪٽوبر 2025ع تائين جاري رھندي. آء ايم ايف جي چوڻ تي ٺاهيل پاليسيون بحران پيدا ڪري رھيون آھن. عوام تي روز ٽيڪسن جي ڀرمار آهي. بک ۽ بيروزگاري کان تنگ ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سڄي دنيا ۾ پاڪستان اھو واحد ملڪ آهي جتي سرڪاري ملازم تمام گهڻو ٽيڪس ادا ڪن ٿا ۽ حڪمران طبقو انهن مان عياشيون ڪندو رهي ٿو، هتي هاڻ جيڪا ٿوري گهڻي معيشت هلي رهي آهي اها سرڪاري ملازمن جي پگهارن تي ٽيڪسن تي هلي رهي آهي انڪري جيڪڏهن سرڪاري ملازمن جي ڪل پونجي پينشن پاليسي مطابق ختم ڪئي وئي ان کي بتدريج ختم ڪيو ويو تہ ملازم ريٽائرمينٽ کانپوءِ پنھنجي خاندان سميت انتھائي بدتر حالتن جو شڪار ٿي ويندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پينشن سرڪاري ملازم جي پيرسني جو سهارو آهي. حڪمران پنهنجا بادشاھي خرچ ختم ڪرڻ بدران انهن بزرگن جي پيٽ تي لت رکڻ چاهين ٿا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
0 تبصرے