ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون

ننگرپارڪر، ڇاڇرو ۽ عمرڪوٽ جي سياسي سماجي حلقن طرفان خوشي ۾ مٺايون ورھايون ويون

ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي کي سنڌ جي وڏي وزير جو اقليتي برادري جي معاملن بابت صوبائي صلاحڪار مقرر ٿيڻ تي سياسي سماجي حلقن طرفان مبارڪون مٺايون ورھايون ويون. خبر موجب پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي کي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جو اقليتي معاملن بابت صوبائي صلاحڪار مقرر ٿيڻ تي ننگرپارڪر، ڇاڇرو ۽ عمرڪوٽ جي سياسي سماجي حلقن طرفان مبارڪباد ڏيندي خوشي ۾ مٺايون ورھايون ويون ان ڏس ۾ ننگرپاڪر جي ڳوٺ ڪاسٻو جي پارڪر ميگھواڙ پنچائيت جي مرڪزي صدر ڏيوجي مل ميگھواڙ طرفان ايم پي اي ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي کي سنڌ جي وڏي وزير جي اقليتي معاملن بابت صوبائي صلاحڪار مقرر ٿيڻ تي چيو آھي ته ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي اقليتي برادري جي ماڻھن جي بناھ ڪنھن فرق جي خدمت ڪئي آھي ۽ سندن کي اقليتي برادري جي معاملن بابت سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار مقرر ڪرڻ تي کيس مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ٻي طرف ڇاڇرو تعلقي جي ڳوٺ ڦلڙا ٻاھ جي رھواسين يوسي چيئرمين چترو مل پرمار، گنگو مل پرمار سميت پرمار پريوار طرفان پڻ مبارڪون ڏنيون ويون ۽ مٺائي ورھائي جڏھن ته عمرڪوٽ ۾ پارڪر ميگھواڙ برادري جي نوجوانن ڪانجي مل، اشوڪ ڪمار، راجيش ڪمار، سوائي مل سميت ٻين پڻ مبارڪباد ڏيندي خوشي ۾ مٺائي ورھائي ويئي