ٿرپارڪر ۾ سال 2024 ۾ 566 استاد ۽ ماسترياڻيون ڊيوٽين تان غائب رهڻ جو انڪشاف

مانيٽرنگ عملي غير حاضر ۽ عادي گوسڙو ٽيچرز جي فهرست تعليم کاتي جي عملدارن موڪلي ڇڏي

ٿرپارڪر ۾ سال 2024 ۾ 566 استاد ۽ ماسترياڻيون ڊيوٽين تان غائب رهڻ جو انڪشاف

مٺي ( رپورٽ جي آر جوڻيجو ) ٿرپارڪر ۾ سال 2024 ۾ 566 ماستر گوسڙو ثابت ٿيا. مانيٽرنگ عملي غير حاضر ۽ عادي گوسڙو ماسترن جي لسٽ تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر ۽ ٿرپارڪر جي ڊي اي اوز کي موڪلي ڇڏي. ڊي اي اوز پرائمري جان محمد بجير پاڻ ڪارروائي ڪرڻ بجاء پاڻ تان بار لاهي ٽي اي اوز کي لسٽ موڪلي ٻه ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. گوسڙو ماسترن جي متعلق رپورٽ جي مطابق ٿرپارڪر ۾ غير حاضر پرائمري ماسترن جو انگ 138 ، عادي گوسڙو ماستر جو انگ 261 پرائمري ماسترن سميت ڪل 399 جڏھن ته سيڪنڊري ۾ غير حاضر سيڪينڊري ماستر 53 ، عادي گوسڙو 115 آھن جو ٽوٽل تعداد 167 آھي. ٿرپارڪر ۾ 566 ماسترن ۽ پٽيوالن جي غير حاضر ۽ عادي گوسڙو جي لسٽ اسڪول مانيٽرنگ ۽ ايووليشن ڊپارٽمينٽ چيف مانيٽرنگ آفيسر نشاندهي ڪري ڪارروائي لاء ذميوارن حوالي ڪري ڇڏي آھي. ڪارروائي جو اختيار تعليم کاتي جي ڊي اي اوز حوالي ٿيل آھي.