نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز ۾ شڪاگو جي شهيدن جي ياد ۾ ريليون ڪڍي کين ڀيٽا پيش ڪئي وئي فوڊ ايمپلائيز فيڊريشن ، بلديا جي ملازمن پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب پهتا جن کي ڳاڙهو جهنڊو ۽ بينر هٿ ۾ هيا ريلي جي اڳواڻي محمد يونس راڄپر ، نويد علي تڳر، ڪشن راجہ ،مسرور چانڊيو، مولابخش شيخ ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ به مزدور ويچارو مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي ۽ ان کي اڄ به سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۾ پنهنجو حق صحيح نه ٿو ملي مزدور کي هڪ جيترو حق ملڻ گهرجي هنن چيو ته ليبر ايڪٽ تحت مزدورن کي حق ڏيارڻ لاءِ شڪاگو جي شهيدن جيان جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي اسان شڪاگو جي شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا جن مزدورن جي حقن لاءِ پنهنجي جانين جو نظرانو ڏئي شهادتون ماڻيون.
0 تبصرے