رنگ سازي جو ڪم ڪندڙ 4 ٻارڙن جو پيءُ نريش ميگهواڙ جڳهه جو رنگ ڪرڻ دوران بجلي جي ڪرنٽ م فوت
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پهرين مئي عالمي يومِ مزدور جي موقعي تي عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي ڀرسان افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي رنگ سازي جو ڪم ڪندڙ 27 سالا غريب پورھيت ڪرنٽ لڳڻ سبب حياتي وڃائي ويٺو، فوتي جي سڃاڻپ نريش ولد راڻو ميگھواڙ طور ٿي آهي، جيڪو شادي شده ۽ چئن ٻارن جو پيءُ هو، هو قلعي جي ڀرسان رنگ جو ڪم ڪندي اوچتو بجلي جي ڪرنٽ جو شڪار بڻيو، جنهن سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، واقعي کانپوءِ پوليس پهچي لاش کي سول اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪيو، جتان قانوني ڪاروائيءَ مڪمل ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي واسين پڻ گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي نامور سماجي شخصيت ۽ پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين رسول بخش رحيمداڻي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي، هن چيو ته فوت ٿيندڙ نوجوان هڪ غريب گھراڻي سان تعلق رکندڙ ۽ پنهنجي گھر جو واحد ڪمائيندڙ فرد هو، جنهن جي اوچتي موت سان خاندان سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، رسول بخش رحيمداڻي حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته عالمي يومِ مزدور جي موقعي تي فوت ٿيندڙ هن نوجوان جي وارثن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 50 لک رپين جو مالي پيڪيج اعلان ڪيو وڃي، جيئن سندس معصوم ٻار پنهنجي تعليم جاري رکي سگهن ۽ خاندان جو گذر سفر بحال ٿي سگهي، هن وڌيڪَ چيو ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ مزدورن جي حفاظت بابت سخت قدم کنيا وڃن، ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به غريب مزدور کي پنهنجي حياتي وڃائڻي نه پوي.
0 تبصرے