نوشهروفيروز ۾ گندگي خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو

انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آهي: اڳواڻ

نوشهروفيروز ۾ گندگي خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو

نوشهرو فيروز (ڊ ر) نوشهرو فيروز ۾ گندگي خلاف 3 ڏينھن تي ب مورو سکر روڊ تي ڌرڻي جو جاري آهي شھر ۾ وڌندڙ گندگي پٽعيدن روڊ اسٽيشن روڊ مٺياڻي روڊ مورو روڊ شاھي بازار ڪاليج روڊ پريس ڪلب سامھون ب بيٺل گندي پاڻي خلاف سياسي، سماجي تنظيمن جو ڌرڻو ، خبر موجب نوشهرو فيروز ۾ وڌندڙ گندگي، شهر کي نئون ڊرينيج سسٽم، رينچ مشين نه ڏيڻ، ويزا سسٽم ۽ ڪرپشن خلاف سياسي سماجي تنظيمن آل پارٹیز الائینس پاران مختلف تنظيمن پاران 4دینھن میونسپل آفیس تي ڌرڻو لڳايو ويو . ڌرڻي جي اڳواڻي اي پي اي اڳواڻ محمد يونس راڄپر، ايس يو پي اڳواڻ خادم سيال مھر وسطڑو، ثمر سندھی، سکندر کلھوڑو،فقير ميهر علي بهڻ، فرھاد غنی ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻ چيو ته نوشهروفيروز جي نااهل انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي سبب نوشهروفيروز شهر 16 وارڊ گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن جنهن سبب نوشهروفيروز جا شهري، معصوم ٻار ۽ شاگرد مختلف بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن پر افسوس انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪنن تي جونء به نه ٿي چري هنن چيو ته نوشهروفيروز جا روڊ رستا، مين چوڪ ۽ هيٺائين وارا علائقا، قبرستانن ، اسڪولن ۽ مسجدن سامهون ڊرينيج جو گندو پاڻي بيٺل آھي جنهن ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ دڪاندارن جو ڪاروابار به ٺپ ٿي ويو آهي هر طرف گندگي جا ڍير هجڻ ڪري شهر کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ميونسپل ڪاميٽي جي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ بجيٽ آھي ۽ گذريل ھفتي ڪوڙن ووچر ذريعي ھڪ ڪروڙ 68 لک رپيا ڦٻايا ويا آهن صفائي ڪندڙ سوين ملازمن کي ويزا تي ڇڏيو آھي هنن اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميونسپل چيئرمين، ميونسپل آفيسر ۽ آڊٽ آفيسر خلاف جاچ ڪري ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڌرڻي جو دائرو وڌايو ويندو