عمرڪوٽ جي صفدر زيدي هائوس تي نئين سال جي موقعي تي تقريب

ن ليگ جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر مير امان الله خان ٽالپر تقريب ۾ شريڪ

عمرڪوٽ  جي صفدر زيدي هائوس تي نئين سال جي موقعي تي تقريب

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ نئين سال جي خوشي ۽ ملڪ جي ترقي خوشحالي جي دعا سان عمرڪوٽ ۾ صفدر زيدي هائوس تي تقريب جو اهتمام، مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڊاڪٽر مير امان الله خان ٽالپر جي زيدي هائوس عمرڪوٽ ۾ مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر مير امان الله خان ٽالپر جي آمد ٿي، جتي ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ نئين سال جي آغاز جي موقعي تي هڪ خوبصورت تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، ان موقعي تي مسلم ليگ ن ضلع عمرڪوٽ جي سينيئر نائب صدر سيد صفدر علي شاهه پاران ڪيڪ ڪٽيو ويو، جنهن ۾ موجود سڀني ماڻهن ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ امن لاءِ هڪ زبان ٿي دعا ڪئي، ڊاڪٽر مير امان الله خان ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته 2025 جو سال ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي جو سال ثابت ٿيندو، هن چيو ته مسلم ليگ ن جي قيادت هميشه عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪوشان رهي آهي، ۽ نئين سال ۾ به انهن جون ڪوششون جاري رهنديون، جيئن پاڪستان جي هر شهري کي بهتر زندگي فراهم ٿي سگهي، ان موقعي تي سيد شاهجان شاهه، سيد زورين علي شاهه، عابد علي، موهن لال موتي، شهزاد منگريو ۽ ٻيون اهم شخصيتون پڻ موجود هيون، انهن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مسلم ليگ ن جي سرپرستي ۾ پاڪستان نئين ترقياتي رستن تي هلندو، نئين سال جي هن تقريب جو مقصد صرف خوشين جو آغاز نه هو، پر هڪ نئين اميد ۽ جوش سان ملڪ جي ترقي جي رستن تي هلڻ جو پيغام پڻ هو، تقريب ۾ شريڪ سڀني ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اسان کي يڪجهتي ۽ محنت سان ڪم ڪرڻو پوندو، جيئن اسان جو ملڪ عالمي سطح تي پنهنجي نئين شناخت حاصل ڪري سگهي، هن خوبصورت تقريب ۾ هڪٻئي سان نيڪ خواهشن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ دعا ڪئي وئي.