ملير ۾ سماجي کيتر ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙ شخصيتن ۾ ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب

جاويد مهر، سيد سجاد علي شاھ، فيض خاصخيلي، مشتاق بابو، عنايت علي شاھ، جمشيد زهراڻي، شهنشاهه چارڻ ۽ ٻين کي ايوارڊ ڏنا ويا

ملير ۾ سماجي کيتر ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙ شخصيتن ۾ ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سماجي کيتر ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙ شخصيتن ۾ ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب، سماجي ۽ صحافتي ڪرت ۾ نمايان ڪارگردگي ڏيکارڻ تي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا، تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ سياسي سماجي ادبي صحافتي اڳوڻن جي شرڪت، اسان کي هڪ ٻئي کي همٿائڻ لاءِ اهڙيون صحت مند سرگرمين ڪرڻ گهرجن، مقررن جو خطاب تفصيل موجب : خاص ڊولپمينٽ ويلفيئر آرگنائزیشن طرفان سماجي کيتر ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙ سخصيتن ۾ ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ سياسي، سماجي ۽ صحافتي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ ايڊيٽر جاويد مهر، عوامي پريس ڪلب ملير جي سيد سجاد علي شاھ، فيض خاصخيلي، مشتاق بابو، عنايت علي شاھ، جمشيد زهراڻي، شهنشاهه چارڻ، لطيف ڍورائي، مجيد موٽاڻي ۽ ٻين کي ايوارڊ ڏنا ويا ان موقعي تي طارق الحسن، وريام فقير، سرائي نياز خاصخيلي، وقار ميمڻ، رمضان ناٿا، ايوب شان ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪي افراتفري جي دور ۾ جڏهن ماڻهن کي مذهب، رنگ نسل ۽ قومين ۾ ورهايو پيو وڃي تڏهن اهڙا پروگرام ڪري باصلاحيت ماڻهن ۽ سماجي کيتر ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙ شخصيتن کي بنا ڪنهن فرق جي گڏ ويهاري کين اجرڪ جا تحفا، ايوارڊ ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏئي وڏو ڪم ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ خاص ڊولپمينٽ ويلفيئر آرگنائزیشن کيرون لهڻي تنظيم جي صدر عبدالجبار خاصخيلي تنظيمي ڪارگردگي ٻڌائيندي چيو ته خالص انساني بنيادن تي ڪم ڪندي اسان جي تنظيم تعليم ۽ صحت کي اوليت ڏئي رهي آهي ڪورونا واري دور ۾ صحت ۽ تعليم تي بي مثالي ڪم ڪيو اسپتالون ۽ اسڪول هلايا هن چيو ته همت افزائي لاءِ ايوارڊ ڏيڻ جو سلسلو اسان ڪيترن ئي سالن کان جاري رکندا پيا اچون