ملير: پپري واسي پوليس بااثر بااثرن خلاف پريس ڪلب پهتو، شادي جي ناتي تي فراڊ جو الزام

سڪندر نالي بااثر ڪجهه سال اڳ شادي ڪرائڻ جو ڏٽو ڏئي ساڍا 6 لک رپيا وٺي مڱڻي ڪرائي: پوليس اهلڪار راشد ڍڪڻ

ملير: پپري واسي پوليس بااثر بااثرن خلاف پريس ڪلب پهتو، شادي جي ناتي تي فراڊ جو الزام

ملير (درياخان شر ) ڪراچي ملير پپري جي رهواسي پوليس اهلڪار کي بااثر شادي جو آسرو ڏئي لکين روپين جو فراڊ ڪري فرار ٿي ويا ، پوليس اهلڪار راشد ڍڪڻ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ دانهيندي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو بااثر مون کي شادي جي آسري تي ورغلائي لکين جو فراڊ ڪري فرار ٿي ويا آهن دانهڻ تي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ توڙي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن شاھ لطيف ٿاڻي جي اهلڪار راشد علي ڍڪڻ عوامي پريس ڪلب ملير مراد ميمڻ پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيندي چيو ته سڪندر نالي شخص ڪجهه سال اڳ ۾ کيس شادي ڪرائڻ جو آسرو ڏئي موسميات جي علائقي هال ۾ مڱڻي به ڪرائي جنهن جي مد ۾ هن کائنس مختلف وقتن تي 6 لک پنجاھ هزار روپيا وٺي چڪو آهي، مڱڻي بعد وڌيڪ پئسا ڏيڻ جي انڪار ڪرڻ تي رشتو ٽوڙائي ڇڏيو آهي هن وقت کيس بااثر نقصان رسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن مونکي حراسان ڪيو پيو وڃي منهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو اٿائين مونکي انهن مان خطرو آھي نوجوان پوليس اهلڪار آئي جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ ، ڊي آئي جي عثمان غني صديقي ۽ ايس ايس پي ملير کان اپيل ڪندي گهر ڪندي چيو آهي ته کيس تحفظ فراهم ڪري ڦٻايل پئسا واپس ڏياري بااثر فراڊي ٽولي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي