مولانا عبيد الله سنڌي چيو ھيو ته اڄ جو وڏي ۾ وڏو بت ”دولت“ آھي جنھن جي پوڄا ڪئي ٿي وڃي. پوڄا۽ عقيدتمندي صرف ڪنھن مذھب جي حوالي سان نه ٿي ٿئي. زندگيءَ جي ڪنھن به شعبي ۾ عقيدت ٿي سگھي ٿي ۽ ٿئي ٿي. عقيدت منديءَ ۾ ھوش حواس بجاءِ ماڻھو جذبات يا مفادن جي بنياد تي سوچيندو آھي. مفادن جي بنياد تي عقيدت مندي ظاھر ڪندڙ اصل ۾ عقيدت مند نه ھوندو آھي پر ھو ڏيک اھو ڏيندو آھي ته ھو فلاڻي يا فلاڻي جو سڀ کان وڏو عقيدتمند آهي ۽ ان حوالي سان وڌ کان وڌ فائدي وٺڻ جي ڪندو آهي. ان کي ئي عقل سمجھندو آھي ته پنھنجا مفاد محفوظ رکجن.
اھو ٻاھرين ڏيک ۾ ائين ڪندو جيئن ھڪ عقيدت مند ڪندو آھي يعني جنھنن سان ھو عقدت رکندو ان جي ھر ڳالھ کي پنھنجي ڪنھن به ڳالھ کان وڌيڪ اھميت ڏيندو. ھن جي ھر حڪم کي مڃڻ عين عبادت سمجھندو. پنھنجي ھر رشتي ھر ضرورت کان وڌيڪ ھن جي منشا کي مٿاھون رکندو۽سندس ڳڻ پيوڳڻائيندو.پرمفادن پوري ٿيڻ يا اميد نه هجڻ ڪري هو اهو عقيدتمندي جو پوش لاهي ڦٽو ڪندو. ها اهو ته ٿي سگهي ٿو ته مفادن جي اميد ۾ وري وڃي ڪنهن ٻئي جو عقيدتمند ٿئي ۽ان لاءِ ڪي قصاگهڙي. ھن ترقي يافته دور۾ سائنس، علم ۽ ٽيڪنالوجيءَ زندگيءَ جي مڙني شعبن ۾ آسانيون پيدا ڪيون آهن.ان سماج ۾ به اسان ڏسون ٿا ته عقيدت منديءَ ۾ ماڻھو ڪيئن چريائپ وارا ڪم ڪن ٿا ۽ انھن تي ڳنڍ ٻڌي بيھن ٿا. ڪنھن به علمي، عقلي ۽ عام فھم ڳالھ کي به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھن بلڪ ڪوشش ۾ھوندا آھن ته سندن پنھنجا پراوا ٻيا به سوچ، عقل ۽ شعور جي برخلاف، جنھن جا ھو عقيدت مند آھن ان جا عقيدت مند ٿي گذارين.
عقيدت جي ئي بنياد تي ھو علمي طور ثابت ٿيل ڳالھين جي سخت مخالفت ڪندا، ان جي باوجودته انھن علمن وسيلي ٿيل ايجادن ۽ مشنريءَ کي آمدني لاءِ، صحت لاءِ، آرام لاء۽ آمدرفت جي ذريعن لاءِ استعمال به ڪندا.
برابر عقيدت مندي سازشن تحت ڪرائي به ويندي آھي پر ان لاءِ ڪنھن نه ڪنھن نظريي خاص طور ڪنھن مذھب جو سھارو ورتو ويندو آھي. پروپگينڊا وسيلي مفادن جو آسرو ٻنھي جھانن جو ڏنو ويندو آھي، پوءِ جيڪو جھڙِي جھان لاءِ ڦاسي. جي ھن جھان لاءِ ڦاٿو ته هن لاءِ ھي جھان ۽ جنھن جو ھو عقيدت مند آھي ئي سڀ ڪجھ آهي . جي ٻي جھان لاءِ ڦاٿو ته هي جهان هن لاءِ ڪنھن ڪم جو نه آھي پوءِ ھن جھان جي پرواھ ڇو ڪري، ڀلي ھي جھان ابتو ئي سبتو ٿي.
مذھب کان علاوھ اھا عقيدتمندي سياست ۾ به رھي آھي، نظرين سان وفاداريءَ ۾ به رھي آھي ڀلي اھي نطريا علم، دليل ۽ ثبوتن جي ڳالھ ڪندا ھجن، پر سندن طريقي ڪار عقيدتمندي وارو ئي ڏٺو ويو آهي.
اھو ئي عقدتمنديءَ جو رويوي اسان وٽ يعني برصغير بلڪ ايشيا جي اندر ادب جي دنيا جي اندر حد کان وڌيڪ رھيو آھي. جنھن کي مان ” ادبي عقيدتمندي "سڏيان ٿو .
خاص طور اوائلي شاعرن جي جيڪي وري گاڌي نشين به آھن. اوائلي دور ۾ نه صرف اظھار جو وڻندڙ ۽ تفريحي ذريعو شاعري ھئي بلڪ ان کي ذھانت جو درجو ڏنو ويندو ھيو ۽ بادشاھ ۽وقت جا حڪمران انهن کي درٻار ۾عزت ۾مراعتون ڏيندا هيا. ساڳي وقت انهن جي شاعريءَ کي الھام به چيو ويندو ھيو. حڪمرانن جي پٺڀرائي ۽الھامي شاعر سڏجڻ ڪري ڪنهن کي همت ڻه هئي جو انهن تي آڱر کڻي ۽ اهو عقيدتمندي جو تسلسل بنا ڪنهن سوچ، فڪر۽ويچار جي هلندو ٿو اچي.
جيئن تھ اھا عقيدتمندي گھڻي ڀاڱي مذھبي حيثيت يا حصو رکندي ھئي ان ڪري اھا عقيدت جو درجو وٺندي رهي خاص طور جتي خانقاھون، درگاھون شروع ٿي وينديون ھيون، ڇو ته اتي ٻين مفادن سان گڏ عام ماڻھوءَ کي ماني ۽ پاڻي به ملي ويندو ھيو، اھي ئي پھتل ٻانھا سڏبا ھيا، ۽ گھڻي ڀاڱي پنهنجي پر ۾ شاعري ڪندا ھيا، جنھن منجھان عقيدتمند نه صرف ڪاني ڪرامتون ظاھر ڪندا ھيا پر فالان به ڪڍندا ھيا. اھي نه صرف انھن مريدن ۽ انھن جي اولادن لاءِ عقيدت جا بت ٿي ويا، پر اڄ جي دور ۾ سندن گاديون عقيدتمندن جي زور تي مذهبي ۽ سياسي طاقتون ٿي اقتدار جا ڀاڱي ڀائيوار ٿي ويا آھن.
جيستائين ادبي عقيدتمنديءَ جي ڳالھ آھي ته ڪلھ ۽ اڄ جو پاڻ کي باشعور سمجھندڙ، اديب جيڪو ترقي پسند، قوم پرست، لبرل، دانشور به سمجھيو ويندو ھجي اھو به ان مرض ۾ ورتل نظر ايندو. ويتر جي انھن مان ڪنھن شاعر تي صوفي ھجڻ جو ٺپو لڳي وڃي، جيڪو گھڻي ڀاڱي انھن تي لڳل ھوندو آھي، گاديءَ واري تھ ھر شاعري تي لڳل ھوندو آھي، ته پوءِ نه اھي سائنسي علمن جا پاڻ کي وارث سڏائيندڙ، ان بزرگ شاعر جي شاعري مان عجيب عجيب معنائون پيا پيش ڪندا. ھنن جي اھا عقيدتمندي اصل ۾ مفادن جي ورچڙھيل ھوندي آھي.
ڀلا، وجوديت، ماڊرن ازم، پوسٽ ماڊرن ازم، عوام دوستي، انساني حقن، مذھبي عقيدتن جي مخالفت تي لکندڙن ۽ ڳالھائيندڙن ڪڏھن ڪنھن اھڙي شاعر جي شاعريءَ جو پوسٽ مارٽم ڪيو آھي؟! . گھٽ ۾ گھٽ مهنجي نطر مان ته اھڙو ڪو مواد نه گذريو آھي جنھن ۾ شاعريءَ جي قدرڻ، بين الاقوامي طور ڄاڻايل خوبين، سندن شاعري (فڪر) جو ان وقت جي حالتن ۽ اڄ جي حالتن تي ڪھڙو اثر ٿيو جي حوالي سان ڪنهن جائزو ورتو هجي.
اھو ته پري رھيو پر ادب جي عام وصف، ”ادب وقت جو آئينو آھي“ جنھن ۾ ڏسي انھن ڳالھين کي به پرکي وٺبو آھي جيڪي عام طور سمجھ ۾ ناھن اينديون. يوناني فلسلفو جيڪو فلسفي جا بنياد وجھندڙ آھي اھو ادب خاص طور شاعري لاءِ چوي ٿو ته ان مان ان وقت جي ماضي ۽ ان وقت جي تاريخ، انساني نفسيات، ڏک سک ۽ رھڻ سھڻ کي آسانيءَ سان ڏسي سگھجي ٿو جيڪو تاريخي ڳالھين کان وڌيڪ سچو ھوندو آھي.
ڇا اسان وٽ ان حوالي سان ڪوڪم ٿيو آھي؟ ڇا ڪنھن به اھڙي شاعر جيڪو پنھنجي گاديءَ جي بنياد تي معتبر آھي، جتي ميلا لڳن ٿا ماڻھو يعني عقيدتمند حاضريون ۽ نذرانا ڀرڻ ٿا جيڪي انھن جي شاعريءَ کي آسماني، الھامي۽ وحي ٿيل شاعري سمجھن ٿا ۽ چون ٿا ڇا اسان جي دانشور۽نقاد سڏجندڙ ان شاعريءَ جو علمي، ادبي ۽ حقيقي تجزيو ڪيو آھي؟ جي نه ته پو۽ اھا عقيدتمندي نه آھي تھ ڇا آھي؟ . ڊاڪٽوريٽ جون ڍگريون رکندڙ اڃان تائين ورجائيندا ٿا اچن ته لطيف چيو ھيو ته سچل ڪني جو ڍڪڻ لاھيندو(جنهن جو ڪوبه ثبوت يا تاريخي حوالو نه آهي) اھا سندس پيشن گوئي، سندس شاعريءَ جي ڪرامت ٻڌائي وڃي ٿي . فلاڻي فقير جي ڦوڪ سان کوڙ ڪامل شاعر ٿي ويا. مامو ئي فقير پنھنجيون ۾ڍيون کڻي اڏرندا ۽ شاعري ڪندا آيا وغيرھ وغيرھ.
انھن جي باري ۾ انھن جي شاعريءَ جي باري ۾ جيڪو ڪجھ چيو وڃي ٿو اھو سڀ سچ آھي، اھو سڀ ٺيڪ آھي ۽ان تي ڳالھائڻ ۽ لکڻ ڪفر آھي. ان کي آمنا صدقنا عقيدتمندي نه آهي ته ڇاهي ؟ عقيدتمنديءَ کي ٻيا ڪھڙاپر ٿيندا آھن! . ھا ھڪڙي ٻي ڳالھ ٿي سگھي ٿي ته ھنن ويچارن کي پاڻ کي ئي ڪا خبر نه ھجي ته ادب ڇا آھي، شاعري ڇا آھي. ھو جيڪي ٺلهي خيال کي ”تخيل“ پيا لکن. اھي ڪھڙو تنقيدي تجزيو ڪندا.
اھا روش عقيدتمنديءَ جي جنھن جي ڪري انھن جي شاعريءَ کي الھامي (الله جي طرفان وحي ٿيل) سمجھي ان جو تنقيدي جائزي وٺڻ کي ڪفر، گناھ ۽ بي ادبي سمجھيو ۽ ڄاڻايو وڃي ٿو اھا روش ۽رويو خود انھن جي تخليق جي مرجھائڻ ۽ موت جو سبب بڻي آھي. سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته اھو رويو صرف شاعري ۽ شاعرن لاءِ ڇو ٿو ملي، جڏھن ته ادب جون ٻيون به کوڙ صنفون آھن،جن ۾ ڪمال جون تخليقون جنم وٺنديون رهڻ ٿيون جھڙوڪ؛ ڊراما، ناول، ڪالم، آتم ڪٿائون وغيرھ. جن کي ماڻھن مان به ڏٺو آھي ۽ ساراھيو به آھي پر انھن لاءِ عقيدتمندي وارو رجحان نه ٿو لڀي.
جيستائين مان سمجھان ٿو ته شاعريءَ ۾ جيئن ته جمالياتي احساس ۽ مبالغه آرائي وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ ھن جو فني سٽاءَ اھڙو ٿئي ٿو جو ماڻھو جي لطيف جذبن ۽ خيالن کي ويجھي کان ڇھي ٿو. اتفاق سان جڪڏھن ڪي بيت ڪي سٽون اھڙيون ترتيب وٺن ٿيون جنھن مان ڪي ماڻھو پنھنجي لاءِ نمائندگي سمجھي ڪا ڪرامت سمجھي وٺڻ ٿا، حالانڪ ھر ماڻھو ان مان پنھنجي پنھنجي معنيٰ ڪڍي ٿو. ائين ھن جي عقيدت جو تاڃي پيٽو ڦھلجندو رھي ٿو ۽ جي اھڙي شاعر جي ڪا نسلي گادي آھي ته ھن جي عقيدت جي دنيا مضبوط ٿيندي رھي ٿي، جي نسلي گادي نه اٿس ته ان جو بنياد پئجي وڃي ٿو. اھڙِي ماحول ۾ جتي عام ماڻهوءَ جوڪو والي وارث نه آھي، طبقاتي جبر عروج تي آھي، اسپتال ۾، ٿاڻي تي، ڪورٽ ۾ ججن، حڪيمن بجاءِ غريب ماڻھو کي ڪاسائي ملن ٿا، بک، بيروزگاري ۽ ذلت جي زندگيءَ ۾ غريب ماڻھو جي اھرڙن گادين ۽ گادي نشينن سان عقيدتمندي ته سمجھ ۾ اچي ٿي پر پاڻ کي سقراط، بقراط، دنيا جو ڏاھو،
ھر علم جو ماھرسمجهندڙ اھڙي ئي عقيدتمنديءَ جي اظھار ۾ اھڙن شاعرن لاءِ ٻڙڪ به ٻاھر نه ٿو ڪڍي، الٽو انھن جون تعريفون ڪري عام ماڻھن تي انهن جون حرفتون ۽ ڪوڙ ڪيون وڌيڪ مضبوط ٿو ڪري، ان کان وڏيڪ ذھن جو ڏيوالپڻو ۽ ذلت ٻي ڪھڙي ٿي سگھي ٿي.
0 تبصرے