English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: پوليس موبائيل ۾ چرس جا سگريٽ ٺاهي پيئندڙ 2ڄڻا گرفتار
8 views
|
18th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ايس ايس پي عمرڪوٽ سهائي عزيز ٽالپر جي نوٽيس بعد پوليس ابوبڪر نهڙي ۽ روشن نهڙي کي گرفتار ڪري ورتو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل پوليس موبائل اندر چرس جو سگريٽ تيار ڪري پيئڻ واري وڊيو جو ايس ايس پي عمرڪوٽ فوري نوٽيس وٺندي ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا، جنهن بعد کوکراپار ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي وڊيو ۾ موجود ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ ابوبڪر ولد مراد نھڙي ۽ روشن ولد حسين نھڙي، رهواسي ڇتريو تعلقو عمرڪوٽ شامل آهن، گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 225 گرام چرس هٿ ڪئي وئي، پوليس گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس نمبر 16/2026 تحت قلم 9(1)3(A) سنڌ ڪنٽرول آف نارڪوٽڪ سبسٽينس ايڪٽ 2024 ۽ دفع 403 تعزيرات پاڪستان تحت کوکراپار ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، ابتدائي جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته جوابدارن پوليس موبائل اندر وڊيو ٺاهي ان کي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو هو، جنهن تي ايس ايس پي عمرڪوٽ سهائي عزيز ٽالپر فوري نوٽيس وٺندي لاڳاپيل پوليس آفيسرن کي ڪارروائي جا حڪم ڏنا هئا، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن کان وڌيڪَ جاچ جاري آهي، جڏهن ته واقعي ۾ پوليس اهلڪارن جي غفلت ۽ لاپرواهي بابت کاتي واري جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي، جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ذميوار اهلڪارن جي سڃاڻپ ڪري ضابطن موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، ايس ايس پي عمرڪوٽ واضح ڪيو آهي ته قانون جي ڀڃڪڙي، منشيات جي استعمال، سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ۽ سرڪاري فرضن ۾ غفلت ڪندڙ ڪنهن به شخص سان رعايت نه ڪئي ويندي ۽ بنا فرق قانوني ۽ کاتي واري ڪارروائي جاري رکي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران معاہدہ: وزیراعظم نے اسلام آباد مفاہمتی یادداشت پر ثالث کے طور پر دستخط کر دیے
18th Jun 2026
•
تازہ ترین
تیل کی قیمتوں میں کمی کے لیے اعلیٰ سطحی کمیٹی قائم
18th Jun 2026
•
تازہ ترین
بی آئی ایس پی کو نشانہ بنانا افسوسناک ہے، ہم پروگرام کا دفاع کرتے رہیں گے: بلاول بھٹو زرداری
17th Jun 2026
•
سندھ
بین المذاہب ہم آہنگی اور محرم الحرام کے پرامن انعقاد کے لیے تمام مکاتبِ فکر کا تعاون ناگزیر ہے، نصراللہ عباسی
18th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: رٽائرڊ استاد جي گهر ۾ گهرڀاتين ۽ مهمانن جي حالت خراب، 3 ڄڻا فوت
18th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: پوليس موبائيل ۾ چرس جا سگريٽ ٺاهي پيئندڙ 2ڄڻا گرفتار
18th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
جهمپير ويجهو ڳوٺ محمد الرحيم ماڇي ۾ جهيڙي دوران ڪيترائي زخمي
18th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ڪينٽ ۾ فائرنگ دوران 2پوليس اهلڪار زخمي، جاچ شروع
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ: پوليس موبائيل ۾ مبينا چر
0 تبصرے