نوشهروفيروز: رٽائرڊ استاد جي گهر ۾ گهرڀاتين ۽ مهمانن جي حالت خراب، 3 ڄڻا فوت

اختر بيگ ملڪ جي گهر ۾ موجود سندس گهر ڀاتين ۽ مهمانن جي اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي

نوشهروفيروز: رٽائرڊ استاد جي گهر ۾ گهرڀاتين ۽ مهمانن جي حالت خراب، 3 ڄڻا فوت

نوشهرو فيروز (ڊر)نوشهرو فيروز محراب پور جي سيال آباد روڊ تي رٽائرڊ استاد اختر بيگ ملڪ جي گهر ۾ پراسرار بيماري يا ڪنهن زهريلي شيءِ جي اثر سبب هڪ ئي خاندان جا 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ٻيا متاثر ٿي پيا، جنهن بعد علائقي ۾ ڏک ۽ خوف جي لهر پکڙجي وئي آهي. تفصيل موجب گذريل رات اختر بيگ ملڪ جي گهر ۾ موجود گهر ڀاتين ۽ مهمانن جي اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي، جن کي پهرين نجي ڪلينڪ ۽ پوءِ سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو. ذريعن موجب واقعي ۾ 2 ورهين جو منهان ملڪ، 24 ورهين جو احتشام ملڪ رهواسي پنوعاقل ۽ 33 ورهين جو ارشاد ملڪ ولد اصغر ملڪ رهواسي نواب شاهه فوت ٿي ويا. متاثرن ۾ 49 ورهين جي مسمات صابره، 27 ورهين جي مسمات رابعه، عرفان ملڪ، حنان ملڪ، مسمات صائمه، عثمان ملڪ، اڍائي ورهين جي عنايه، 2 ورهين جي زوها ۽ ننڍڙي فرحا شامل آهن، جن کي ابتدائي علاج بعد گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو آهي. اختر بيگ ملڪ چيو ته سوشل ميڊيا تي زهريلو ناشتو کائڻ سبب فوتگين جون خبرون هلي رهيون آهن، جيڪي حقيقت تي ٻڌل ناهن. هن ٻڌايو ته گهر ڀاتين ۽ مهمانن جي طبيعت گذريل رات کان ئي خراب هئي ۽ کين علاج لاءِ ڪلينڪ نيو ويو هو. تحصيل اسپتال محراب پور جي ايم ايس ڊاڪٽر لطف الله ميمڻ موجب متاثر ماڻهن جي بيماري جي فوري سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، البت لڳي ٿو ته ڪا مضر صحت شيءِ جسم ۾ وڃڻ سبب اها صورتحال پيدا ٿي آهي. فوت ٿيلن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻين متاثرن کي وڌيڪ علاج لاءِ گمبٽ منتقل ڪيو ويو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن جي رپورٽ اچڻ بعد ئي فوتگين جي اصل سببن جو پتو پئجي سگهندو. پوليس ۽ صحت کاتي واقعي جي جاچ شروع ڪندي استعمال ٿيل شين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. واقعي جي اطلاع ملڻ تي نوشهرو فيروز جي ايس ايس پي مير روحل کوسو محراب پور پهچي متاثر خاندان سان تعزيت ڪئي ۽ واقعي جا تفصيل ورتا. افسوسناڪ واقعي کانپوءِ پاڙي ۾ سوڳ واري فضا ۽ شهر ۾ خوف ۽ ڳڻتي پکڙيل آهي.