جهمپير ويجهو ڳوٺ محمد الرحيم ماڇي ۾ جهيڙي دوران ڪيترائي زخمي

جهمپير ويجهو ڳوٺ محمد الرحيم ماڇي ۾ جهيڙي دوران ڪيترائي زخمي

ٺٽو( رپورٽ شفيق ڀٽي) جهمپير شھر ڀرسان ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ڳوٺ محمد الرحيم ماڇي ۾ ماڇي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ واري معاملي تان جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ ھڪ ڌر پاران ڪھاڙيون ۽ لٺيون ھڻي ٻئي ڌر جي 4 عورتن ۽ ٻين مردن کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا، زخمين ۾ رحمت الله ماڇي، سوداگر ماڇي، مسمات غنويٰ، صاڀي، روضيہ، وسيہ شامل آھن، زخمي ڌر پاران جهمپير ٿاڻي تي پھچي حملي آورن خلاف اين سي داخل ڪرائي علاج لاء ليٽر حاصل ڪري زخمي جيئن جھمپير جي ھڪ نجي اسپتال تي پھتا، جتي يوسي جھمپير جو وائيس چيئرمين نبي بخش ماڇي پڻ پھتو تہ اتي ٻيھر حملي آور ڌر جي ماڻھن يوسي جھمپير جي وائيس چيئرمين نبي بخش ماڇي تي بہ حملو ڪري ڏنو، جنھن ۾ ھو پڻ زخمي ٿي پيو، جنھن پاران پڻ مٿس ٿيل حملي جي اين سي حملي آور جوابدارن تي الڳ داخل ڪرائي علاج لاء ليٽر حاصل ڪري جھرڪ اسپتال پھتا، جتي سخت زخمي ٻن پورھيتن رحمت الله ماڇي ۽ سوداگر ماڇي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪرڻ سميت زخمي سمورين عورتن کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو آھي، پر اڃان تائين جھمپير پوليس ھڪ بہ حملي آور جوابدار کي گرفتار ڪري ناھي سگھي، ان سلسلي ۾ زخمي يوسي جھمپير جي وائيس چيئرمين نبي بخش ماڇي بڌايو تہ حملي آور ڌر گذريل رات اوچتو مامن ماڇي جي گھر تي چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گھر ڀاتين تي ڪھاڙين ۽ لٺين سان حملو ڪري ٻن مردن سميت ڪيترن ئي عورتن کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا، ھن چيو تہ ھو بہ جھمپير ۾ زخمين جي مدد ڪرڻ لاء جيئن پھتو تہ مٿس پڻ حملو ڪيو ويو، جنھن جي پڻ مون اين سي جھمپير ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي، پر پوليس بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي جيڪي اسانکي موتمار ڌمڪيون ڏيئي وڌيڪ نقصان ڪرڻ چاھين ٿا، ھن چيو تہ حملي آور جوابدارن پاران ملندڙ ڌمڪين سبب اسانجا ڳوٺاڻا جھمپير شھر ۾ روزگار بہ ڪري نٿا سگھن، ھن ايس ايس پي ٺٽو کان گھر ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري سمورن زخمين جو بھتر علاج ڪرائي سندن حياتيون بچائي سمورن حملي آور جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ساڻن انصاف ڪري کين تحفظ مھيا ڪري کين موتمار ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.