ملير بار ۾ سنڌ جي حقن، سنڌو درياهه ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سيمينار

ملير بار ۾ سنڌ جي حقن، سنڌو درياهه ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سيمينار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ رائيٽس مومينٽ لائيرس فورم جي اهتمام هيٺ ملير بار ايسوسيئيشن ۾ "سنڌ جا حق، سنڌو درياهه تي ڌاڙو، ڪارپوريٽ فارمنگ جي آڙ ۾ سنڌ جي زمينن تي والار ۽ سنڌ جي پاڻيءَ جي چوري" جي عنوان سان هڪ اهم سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ وڪيلن، سماجي اڳواڻن ۽ قانوني ماهرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي سيمينار ۾ ملير بار ايسوسيئيشن جي صدر ارشاد شر، ايڊووڪيٽ شوڪت ڀنڊ، ايڊووڪيٽ شميم سومرو، ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ، ايڊووڪيٽ اسمٰي ابڙو، ايڊووڪيٽ ڪيهر انصاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي قومي، آئيني، سياسي، معاشي ۽ انساني حقن کي مسلسل چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هنن الزام هنيو ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، سنڌ جي زمينن تي والار جاري آهي ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن مقررین چيو ته سنڌ هزارين سالن جي تاريخ ۽ تهذيب رکندڙ خطو آهي، جنهن خلاف ٿيندڙ ڪنهن به سازش کي سنڌ جا ماڻهو قبول نه ڪندا. هنن چيو ته سنڌ کي سڪائڻ ۽ ان جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته سنڌو درياهه سنڌ جي جياپي جو بنيادي ذريعو آهي سيمينار ۾ خطاب ڪندڙن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا ماڻهو سنڌو درياهه تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن جي قبضي، پاڻي جي چوري، جبري گمشدگين ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهن. هنن زور ڀريو ته سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن به قسم جو قبضو برداشت نه ڪيو ويندو ۽ سنڌ جي حقن جي تحفظ لاءِ سڄي صوبي ۾ قانوني، آئيني ۽ جمهوري جدوجهد جاري رهندي .