اي سي گهوڙاٻاري جو مرڪزي امام بارگاهه پير پٺو جو دورو

سورٺ مظهر امام بارگاهه ڏانهن ويندڙ واٽر سپلاءِ لائين جو معائنو ڪيو

اي سي گهوڙاٻاري جو مرڪزي امام بارگاهه پير پٺو جو دورو

ٺٽو( شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر گهوڙاٻاري سورٺ مظهر مرڪزي امام بارگاهه سخي ڏاتار پير پٺو جو دورو ڪيو، جتي هن امام بارگاهه ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ پاڻي جي فراهمي بابت شهرين جي شڪايتن جو جائزو ورتو. اسسٽنٽ ڪمشنر موقعي تي پهچي امام بارگاهه ڏانهن ويندڙ پیر پٺواٽر سپلاءِ لائين جو معائنو ڪيو ۽ پاڻي جي موجوده فراهمي جي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پاڻي جي فراهمي واري مسئلي جي فوري حل لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن ۽ علائقي جي رهواسين کي بنا رڪاوٽ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. هن لاڳاپيل عملي کي هدايت ڪئي ته عوامي سهولتن سان لاڳاپيل شڪايتن جي ازالي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت نه ڪئي وڃي ۽ مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن.