ملير: آل سبجيڪٽس ٽيچرز ايسوسيئيشن جي وفد جي اسٽيم ايڪسپو ۾ شرڪت

ملير: آل سبجيڪٽس ٽيچرز ايسوسيئيشن جي وفد جي اسٽيم ايڪسپو ۾ شرڪت

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) آل سبجيڪٽس ٽيچرز ايسوسيئيشن سنڌ جي قائدين ۽ ڪور ڪميٽي جي ميمبرن جي وفدن ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي جي تحت منعقد ڪيل اسٽيم ايڪسپو 2026 ۾ وڏي پئماني تي شرڪت ڪئي۔ سندن ڪوششن سان سون جي تعداد ۾ اسٽال ۽ پروجيڪٽس ايڪسپو ۾ شامل ٿيا۔ چيئرمين غلام حسين سيهو ايسوسيئيشن جي مرڪزي قيادت جو شڪريو ادا ڪيو جو اسٽيم ايڪسپو کي ڪامياب بنائڻ ۾ سندن ڪردار تمام اهم رهيو۔ هنن ايسوسيئيشن جي ڪردار جي ساراهه ڪئي ۽ ان جو شڪريو ادا ڪيو۔ هن موقعي تي سرپرست اعليٰ ڊاڪٽر سعيد احمد صديقي، صدر افتاب احمد، سينيئر نائب صدر مجاهد پرويز، نائب صدر ميل غلام رسول راجپر، نائب صدر في ميل غزالہ ياسمين، جنرل سيڪريٽري لالہ بشير احمد پٺاڻ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محسن علي قريشي، سيڪريٽري بورڊ افيئرز پروفيسر وليد يمني، جوائنٽ سيڪريٽري ميل ناصر روف خان، جوائنٽ سيڪريٽري في ميل وقار النساء، ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ذیشان عثماني، فنانس سيڪريٽري ڊاڪٽر بھزاد اختر، رابطا سيڪريٽري ضياء الدين سومرو، آفيس سيڪريٽري حسين رضا، ڪور ڪاميٽي جا ميمبر طاھر حسين غوري، عدنان حيات ۽ محترمه نوشين صاحبہ وڏي پئماني تي شرڪت ڪئي ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حوصلا افزائي ڪئي۔