امن عالمي اجتماع جي ڪاميابي لاءِ جاڳرتا مهم جاري آهي: راشد محمود سومرو

جي يو آءِ سنڌ پاران 19، 20 ۽ 21 مارچ 2027 تي سکر ۾ وڏو عالمي اجتماع منعقد ڪيو ويندو

امن عالمي اجتماع جي ڪاميابي لاءِ جاڳرتا مهم جاري آهي: راشد محمود سومرو

شڪارپور( احسان ابڙو) شڪارپور ۾ جي يو آء سنڌ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو جي جتوئي ھائوس تي پريس ڪانفرنس ميڊيا سان ڳالھائيندي جي يو آء جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو چيو تہ امن عالمي اجتماع جي ڪاميابي لاءِ جاڳرتا مهم تحت مختلف ضلعن جا دورا ڪري رھيو آھيان,جي يو آءِ سنڌ پاران 19، 20 ۽ 21 مارچ 2027 تي سکر ۾ وڏو عالمي اجتماع منعقد ڪيو ويندو,اجتماع ۾ آمريڪا کان آفريقا تائين دنيا جي مختلف ملڪن مان امن جا سفير شرڪت ڪندا,دنيا ۾ پائيدار امن لاءِ پاڪستان جو ڪردار اهم ۽ مثبت رهيو آهي,ھن وڌيڪ چيو تہ سنڌ اندر برادرين ۾ ھلندڙ قبيلائي تڪرارن جا جرگا ٿي رھيا آھن,انھن جي ڪريڊٽ جي يو آء جي آزادي مارچ ڏانھن وڃي پيو جي يو آء ھميشہ ملڪ ۽ سنڌ اندر امن امان جي بحالي,روزگار,صحت,تعليم لاء ميدان تي رھي آھي,47 فام تي اقتدار ۾ ايندڙ حڪمران عوام کي سواء مايوسي جي ڪجھ بہ نہ ڏيئي سگھيا آھن,ملڪ اندر مھنگائي جو طوفان عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آھي,سنڌ ۾ نياڻين سان ظلم ٿي رھيو آھي,اسان جا حڪمران خاموشي اختيار ڪري ويھي رھيا آھن,جي يو آء اپوزيشن ۾ ھوندي بہ عوام جي حقن لاء روڊن تي نظر اچي پئي, ھن وڌيڪ چيو تہ ايندڙ اليڪشن ۾ جي يو آء پوري ملڪ مان پنھنجا اميدوار بيھاريندي ۽ ڀرپور مقابلو ڪيو ويندو ,پير سائين پاڳارو ميدان تي آيو آ ان کي ڀليڪار چئون ٿا ھن دفعي اليڪشن ۾ 47 فام تي حڪمرانن کي اليڪشن کٽڻ نہ ڏينداسين,ايران آمريڪا معائدي تي پاڪستان جو مثبت ڪردار رھيو آھي,اسان کي سائرايون ٿا,ان موقعي تي امير سنڌ مولانا عبدالقیوم ھاليجوي، سید سراج احمد شاه امروٽي,مفتي سعود افضل ھالیجوي، عبدالرزاق عابد لاکو، مولانا محمد صالح انڍڙ،ڊاڪٽر اي جي انصاري.سليم سنڌي.مولانا،عبدالله مهر، محمد طيب ميکو، اسامه هاليجوي ٻيا پڻ موجود ھئا