ٽنڊو آدم ۾ قتل بعد پوريل لاهور واسي ٽيڪسي ڊرائيور جو لاش ٻاهر ڪڍيو ويو

30ورهين جي فياض مسيح کي ڪار ڦٻائڻ جي لاءِ قتل ڪرڻ بعد سندس لاش گهر اندر پوريو ويو هو

ٽنڊو آدم ۾ قتل بعد پوريل لاهور واسي ٽيڪسي ڊرائيور جو لاش ٻاهر ڪڍيو ويو

ٽنڊوآدم(رپورٽر) عدالتي حڪم تي لاهور واسي مقتول ٽيڪسي ڊرائيور جي لاش جي ٽنڊي آدم ۾ گهر اندر کوٽائي بعد لاش هٿ اسپتال منتقل ٽنڊي آدم جي ماڊل ٽائون ۾ گهر اندر پوريل لاهور واسي ٽيڪسي ڊرائيور 30 سالن جي مقتول فياض مسيح جي گهر اندر پوريل لاش جي گهر اندر لاهور پوليس جي ميان نعيم ۽ اخلاق احمد جي نگراني هيٺ کوٽائي ڪئي جنهن دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا جنهن دوران گهر اندر ڪنهن کي به نٿو ڇڏيو ويو جڏهن ته جوابدارن جي نشاندهي تي لاهور پوليس ٽيم پهچڻ بعد عدالتي حڪم تي کوٽائي ڪئي وئي واضع رهي ته 4 مهينا اڳ لاهور واسي شان امام جي شادي ٽنڊو آدم ۾ ڏندن جي ڊاڪٽر عابد رسول هاشمي جي نياڻي سان ٿي هئي جيڪو زال سميت ٽنڊو آدم رهڻ لاء لاهور مان ٽيڪسي ڪرائي تي ڪاهي آيو هو جوابدار ڪار ڦٻائڻ لاء ڊرائيور کي قتل ڪري لاش کي مسواڙ واري گهر اندر کڏ کوٽي پوري ڇڏيو ڪار ۾ ٽريڪر لڳڻ هجڻ سبب رينٽ اي ڪار مالڪ مشاق ناصر ٽنڊي آدم پهچي راڄوڻي وسيلي ڪار واپس ڪاهي ويو جڏهن ته ڊائيور هٿ گم هو مڙس واپس نه پهچڻ تي مقتول جي زال نائله مسيح رينٽ اي ڪار جي مالڪ مشتاق ناصر خلاف مڙس جي گم ٿيڻ جو ڪيس لاهور جي نشتر ٿاڻي تي 28 فيبروري تي داخل ڪرايو هو جنهن بعد پوليس حرڪت ۾ آئي ۽ جوابدارن جي گرفتاري بعد قتل ڪري لاش گهر اندر اندر پورڻ جو ڦاٽ ڦاٽو هو لاهور پوليس انچارج اي ايس آء ميان نعيم جو چوڻ آھي ته ڪار مالڪ بغير قانوني ڪاروائي جي ڪار واپس ڪاهي آيو ۽ ڊرائيور جي وارثن کي آسرا ڏيندو رهيو پر ڊرائيور واپس گهر نه پهچڻ تي سندس زال نائله مسيح پاران مڙس جي گم ٿيڻ جو ڪيس رينٽ اي ڪار مالڪ خلاف داخل ڪرايو جنهن تي ڪاروائي بعد جوابدار گرفتار ٿيا ۽ سندن نشاندهي تي کوٽائي ڪري لاش کي ڪڍي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي