English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
يو سي پپري، گڏاپ ٽائون ۾ سيوريج نظام تباهه، رهواسي سخت پريشان
203 views
|
21st Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير(رپورٽ :عبدالرشيد مورجھريو)گڏاپ ٽائون جي يونين ڪائونسل پپري ۾ سيوريج جو نظام مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي، گٽر لائينون ٽٽڻ سبب گندو پاڻي گهٽين ۽ رستن تي بيهي تلائن جي صورت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن ڪري علائقي واسين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي.رهواسين موجب ڪافي عرصي کان سيوريج جو مسئلو برقرار آهي، پر لاڳاپيل انتظاميه طرفان ڪو به سنجيده قدم نه کنيو ويو آهي. گهٽين ۾ بيٺل گندي پاڻي سبب ٻارن، عورتن ۽ بزرگن کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته بيمارين پکڙجڻ جا خدشا پڻ وڌي ويا آهن.انجمن تاجران پپري بن قاسم، سياسي ۽ سماجي تنظيمن ۽ وڪيل برادري پاران ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيا ويا، لاڳاپيل اختيارين کي درخواستون ڏنيون ويون ۽ عدالتن سان پڻ رجوع ڪيو ويو، پر افسوس جو هن مسئلي جو ڪو حل نه نڪتو آهي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته بار بار آواز اٿارڻ باوجود انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آهي.رهواسين سوال اٿاريو آهي ته آخر يو سي پپري ۽ گڊاپ ٽائون جو بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي رهيو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ بنيادي سهولتون به مهيا نه ٿي رهيون آهن. علائقي واسين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور سيوريج نظام بحال ڪيو وڃي، گٽر لائينن جي مرمت ڪئي وڃي ۽ ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
يو سي پپري، گڏاپ ٽائون ۾ سيوريج
0 تبصرے