ملير(رپورٽ :عبدالرشيد مورجھريو) ڀارتي اختيارين ابراهيم حيدري سان تعلق رکندڙ 9 پاڪستاني ماهيگيرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔ ڀارتي اختيارين پاڪستاني ماهيگيرن کي حراست ۾ وٺي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي۔ گرفتار سمورن ماهيگيرن جو تعلق ابراهيم حيدري جي علي اڪبر شاهه ڳوٺ سان آهي۔ اهي ماهيگير ٽي ڏينهن اڳ مڇي جي شڪار لاءِ سمنڊ ۾ روانا ٿيا هئا، جڏهن ته شڪار دوران ڀارتي فورسز کين پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو۔ماهيگيرن ۾ ادريس، قربان علي، ابراهيم، محمد شاهدي، محمد يونس، محمد هارون ۽ آصف شامل آهن، جڏهن ته باقي ٻن ماهيگيرن جي سڃاڻپ جي تصديق جو عمل جاري آهي هڪ واضع هجي ته مهينو اڳ پڻ ڀارتي فورسز ابراهيم حيدري سان تعلق رکندڙ 11 پاڪستاني ماهيگيرن کي گرفتار ڪيو هو، جن جي آزادي اڃا تائين عمل ۾ نه اچي سگهي آهي۔ بار بار ٿيندڙ اهڙين گرفتاريَن سبب ساحلي علائقن ۾ سخت خوف ۽ بيچيني پکڙيل آهي۔
0 تبصرے