English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ عورت هڪ ئي وقت ٽن صحتمند ٻارن کي جنم ڏنو
7 views
|
16th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال عورت جي نارمل ڊليوري ٿي: ڊاڪٽرياڻي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال عمرڪوٽ ۾ ڳوٺ هاشم پلي جي رهواسڻ 35 ورهين جي عورت ياسمين حميد شر هڪ ئي وقت ٽن ٻارن کي جنم ڏنو آهي، جنم وٺندڙ ٻارڙن ۾ هڪ پٽ ۽ ٻه نياڻيون شامل آهن، اسپتال انتظاميه موجب ياسمين حميد شر کي گذريل ڏينهن ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال عمرڪوٽ آندو ويو هو، جتي هن نارمل ڊليوري دوران ٽن ٻارن کي جنم ڏنو، اسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته ماءُ ۽ ٻارڙا مجموعي طور تي صحتمند آهن، ايم ايس ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال فريد احمد ھنڱورجو موجب ٽن ٻارڙن مان ٻه نياڻيون مڪمل طور صحتمند آهن، جڏهن ته پٽ جي طبيعت ڪجهه خراب هئڻ سبب کيس طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، ۽ ڊاڪٽرن موجب ٻار جي حالت هاڻي خطري کان ٻاهر آهي، اسپتال ذريعن جو وڌيڪَ چوڻ آهي ته ياسمين حميد شر جي هي پنجين ڊليوري آهي، جڏهن ته چار سال اڳ هن ساڳئي عورت ڊليوري دوران ٻن پٽن کي جنم ڏنو هو، جيڪي هن وقت مڪمل طور صحتمند آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
16th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
جي ايم سيد ۽ ڪردار
16th Jan 2026
•
سندھ
ایم ڈی پاکستان بیت المال کیپٹن (R)شاہین خالد بٹ کا دورہ سندھ
16th Jan 2026
•
سندھ
ٹی بی سی فاونڈیشن محض خیرات پر یقین نہیں رکھتی بلکہ لوگوں کو تعلیم، ہنر اور مواقع دے کر خود کفیل بنانے کے مشن پر کام کر رہی ہے، محمد ساجد مغل
16th Jan 2026
•
سندھ
ہنگورجا فوڈ سینٹر میں بدانتظامی، ہزاروں بوریاں گندم خراب، اسسٹنٹ کمشنر سوبھو دیرو کے سینٹر کے دورے کے بعد افسران کے خلاف کارروائی کی سفارش
16th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري: زرعي فارم ڪالوني واسڻ نوجوان ناري جو گهر مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ
16th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا فوڊ سينٽر ۾ وڏي پيماني تي بي ضابطگين ۽ بدعنوانين جو انڪشاف، اي سي پاران لاڳاپيل عملدارن خلاف ڪارروائي جي سفارش
16th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ عورت هڪ ئي وقت ٽن صحتمند ٻارن کي جنم ڏنو
16th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، منشيات فروشن سميت 7 ڄڻا گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ عورت هڪ ئي وقت ٽن
0 تبصرے