اسان سنڌيءَ جي حيثيت ۾ جنهن مصيبتنن ۾ وڪوڙيل آهيون، مسئلا ۽ مشڪلاتون سامهون آهن، ان لاءِ ڪن فردن، سماج جي توڙي قوم جي درد کي سمجهندي پنهنجي عمل، ٺاڻ ۽ ڪردار سان عذابن، ڪلورن مان جان ڇڏائڻ جا گهر، واٽون راهون به ٻڌائي توڙي سمجهائي ويا آهن. هاڻي اهو مسئلو آهي ته انهن جي چيل ۽ ڪيل ڳالهين تي اسان ڪهڙو عمل ٿا ڪريون.
هاڻي اسانڏسون ته خود ڪيترو عمل ڪريون ٿا. جڏهن سڄي صدي تي هڪ انسان جو عمل ۽ ڪردار اسان آهي. سو آهي سن جو جي ايم سيد جنهن جو سياسي سفر 16 سالن جي ڄمار ۾ 6، 7، 8، 9 فيبروري تي خلافت ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ شرڪت ڪري سياست جو باقاعده آغاز ڪيو ۽ کانپوءِ 17 مارچ 1920ع تي سن ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ڪرايائون. اهو سيد جو سفر آخري حياتيءَ تائين هڪ ئي ڳالهه ڪندو رهيو ته ڪردار ڪم ايندو صالحين لفظ استعمال ڪندو رهيو.
خود سائين جي ايم سيد هن ملڪ جي سياسي سماجي ادبي فنڪار، گائڻ کان ويندي ملڪ جي مختلف گروپن جي صحافي حلقي کان ملڪي سطح تي دانشورن تائين اها ڳالهه سئو آنا صحيح آهي ته جي ايم سيد هميشه کان سچ جو ساٿي رهيو آهي. ان سچ سان گڏ وري ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته جي ايم سيد جو ڪردار جنهن جا حمائتي توڙي مخالف ڀل ڇو نه ڪندڙ هجن، اهي سائين جي ايم سيد جي اخلاق ڪردار تي هڪ راءِ ڏيندا هئا ته سائين جي ايم سيد جو ڪردار بلند هو هاني جت جمهوريت جي هوندي ڊيلٽا جي تباهي، بيروزگاري، ڪرپشن کان ويندي وچ ۾ ارباب رحيم جي دور حڪومت ۾ سنڌ جي خودمختياري تي بحث هجي يا پ پ جون 18هين ترميم جي شڪل سا سيد ته اڃان اڳتي وڌي ملڪ ٽٽڻ جي ڳالهه ڪئي. جيڪا ڊاڪٽر اسرار احمد مذهبي عالم کان منهاج القرآن وارو مولانا به تڪرن جي ڳالهه ٿو ڪري. ان قسم جون ڳالهيون 2020ع تائين واري پس منظر ڻ اسان جي ملڪ جو نقشو ئي ڪونهي؟!
بهر حال هاڻي اسان سڀني لاءِ ڳالهه نٿا چئون ۽ ڳالهه ڪريون پر هتي هن ڪجهه سٽن جي ذريعي صرف اسان جي پوئلڳن لاءِ اعجاز منگي جي کليل ڪالم ۾ ڏنگا ٻار کان پڙهندي ۽ گذريل وڏي وقت کان يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پڙهندي ڏسندا ٻڌاندا اچون ٿا ته سائين جي ايم سيد جي وفات بعد همراهن.، اهم ڪارڪنن مزار تي وچن ڪيو هيو ته آئينده اهي صحيح دڳ تي ڪم ڪندا.
ان ڳالهه ۽ عمل کي به وڏو وقت گذري چڪو آهي، ڪو سڌارو، ڪا تبديلي نظر پئي اچي ته پوءِ ڪهڙو ڪارنامو اسان ڪيو؟ ڇا ڏينهون ڏينهن صرف ٽن ڏهاڪن کان خالي بيان ڏيئي پنهنجو فرض پورو ٿا ڪري ڇڏيون. باي نتيجا نظر ئي نٿا اچن. ان سان گڏ گڏ اها ڳالهه به اهي ته ميڊيا توڙي سنڌي چينلن تائين اثر وڌائڻ ۽ رکڻ شروع ڪيو آهي. منا ظرن جي اندر ٿيندڙ بحث جو دليل جو دور وڌيڪ زور شور سان شروع ٿي ويو آهي. پر سائين جي نالي سان سلهاڙيل نه پر خالي پريشر گروپن پنهنجي جدوجهد ڊير کان وٺي قومي آمدني، معدني وسيلا ويندي ٿر واري موڻابائو ٽرين سروس واري رستي لکڻ جي موضوع کان ويندي ڪراچي کي پشتونن جو وڏو شهر سڏڻ تائين اهم اشوز تي ڪتابي صورت ۾ ڪم بابت ڪاري وارا ڪک ٿا نظر اچن. انهن تي هنن گروپن جا ڪو تنظيمي ڊرافٽ جي طور ڪيل ڪم نظر نٿو اچي. ان سان گڏ ويب سائيٽ ته آسان آهي پر اهي به اپ ڊيٽ ناهن.
ٿورو اڳتي وڌون ته سائين جي ايم سيد جو ڪتاب لکڻ سان ۽ پڙهڻ جو شوق هيو ۽ ان جو ڪيترو نه شاندار ڪم ٿيل اٿس ادارو جڙڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيل اٿس. پر اسان وارن دوستن جو سماجي، تعليمي ڪردار ۽ ادارن جي بچائڻ لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو اٿائون يا بس تنگ ڪرڻ جو ڪم؟؟
سائين جي ايم سيد پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪارڪنن جي ڏک ۾ وڃوڙي تي روئيندو هيو. پر هتي ڇا چئجي جو آڪاش ملاح، سرڪي کان مظفر ڀٽو جي گرفتار ٿيڻ کان ويندي سهي ٿيڻ ۽ بشير قريشيءَ جو موت خود ڪجهه سوال ڇڏي ويو آهي. ڪارڪن ڪنهن جي آسري تي جدوجهد ڪن. سائين جي ايم سيد جو خود جي لائبري لاجواب درجو رکي ٿي. ان جهڙيون اسان گهڻيون لائبريريون ٺهرايون آهن. سائين جي ايم سيد پنهنجي سامهون گروپن کي گهرائي فضيلت سان الڳ الڳ تقريرون ڪرائي موقعو فراهم ڪندو هيو ۽ خود ٻڌندو هيو پوءِ وري هڪٻئي جي خلاف بيان نه ڏيو ۽ هڪٻئي تي تنقيد وغيره نه ڪيو جهڙيون هدايتون ڏنيون هيون. ان جا ڪافي مثال موجود آهن. ويندي ان حد تائين جو سوين ڪارڪن موجود هوندا هئا ۽ اڳواڻ سامهون مس جي موجودگي ۾ پنهنجو پنهنجو موقف پيش ڪندا هئا. پر اڄ اهو سڀ ڪجهه ممڪن ناهي؟؟
ويندي هنن ٺهندڙ ڪميٽين جو جيڪو حشر ڪيو اٿائون سو به اخبارن جي ذريعي پڙهون ٿا ۽ ڄڻڪ ڪو انڊيا جي اداڪارائن جا اسڪينڊلن جهڙو ماحول هجي. تازو ملاح عورت وارو ان ڳالهه جي هڪ ڪڙي آهي هي قومي تحريڪ جي ڪارڪنن کان اڳواڻن تاين هڪ ٻئي جي لاءِ جيڪي لگن جي ورکا هڪ ٻئي لاءِ ڪن ٿا. ناني ويڙهو، ڀتاخوري، ڪار لفٽر، پلاٽ مافيا سرڪار جا نوازيل، نشڪي جي ڪاروبار ۾ ملوث هجڻ کان ڪلفٽن تائين هڪ ديوان جي ٻار جي اغوا کان ويندي ڪن تي بوتل واپرائڻ جو الزام ته ڪڏهن وري پاڻ ئي ترديد ڪن ٿا ته ڪي پنهنجي ساک لاءِ قاسم آباد ۾ تنبو هڻن ٿا. ڪن مٿان هميشه وانگر حملا ٿيندا ٿا رهن. پير پاڳاري ۽ سائين جلال محمود شاهه جي بيان کان پنهنجو پلاند آجو نه ڪرائي سگهيا آهن ۽ نه وري ڪو ڪرائي سگهندا. ڇو ته هاڻي ماڻهو وڌيڪ نيٽ جي سرلي استعمال سبب ڄاڻ رکن ٿا. ان لاءِ گهڻين ڳالهين مان صرف رهبر عظيم، اڳواڻ، مفڪر جهڙن خالي لفظن ڳالهائڻ ۾ ٿڪن ئي نٿا نه وري ڪڏهن پنهنجو پلاند آجو ڪرائي ئي سگهندا.
ٻئي طرف سائين جي ايم سيد هميشه ڪردار، اخلاق، معيار جو درس ڏيندو رهيو. صالحين لفظ ٿي استعمال ڪيو ۽ چيو ته هماليه جبل جي چوٽي تان ڪرندڙ ماڻهو ته بچي سگهي ٿو، پر نظرن کان ڪريل ماڻهو نٿو بچي سگهي. هڪ عام سادي سودي چوڻي آهي ته “دولت وئي ته ڪجهه ناهي، صحت ويئ ته ڪجهه ويو، پر جيڪڏهن اخلاق ويو ته سڀ ڪجهه ويو“
”يانگ مو“ چين جي ليکڪ جو ” نوجوانن جو گيت“ ناول ۾ هڪ هنڌ ٻه ڄڻا گفتگو ڪري رهيا هئا ته اتان هڪ ماڻهو گذري ويو ته ويٺل چيو ته اهو همراهه لڳي ٿو ته اسان جي تنظيم جي ڪارڪن ئي ٿي سگهي ٿو؟ ته ٻئي ويٺل چيو ته اهو ري ڪيئن؟ جواب ڏنائين ته جنهن سنجيدگي سا ۽ بردباري سان هو گهمي رهيو اهي، سو اسان جي تنظيم جي تربيت وارو ڪارڪن ئي ٿي سگهي ٿو.
هتي ڪهڙا ڪهڙا نه ڊراما ٿيندا رهن ٿا. ڪهڙا ڪهڙا ناٽڪ ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا. ڄڻڪ شهدادڪوٽ، رتوديرو، وارن ڳوٺڻ جي اڳواڻن کي ويهن سالن کان سڃاڻيندا هئا. ۽ اچ خود سرڪي انهن ڳالهين جي تصديق ڪندي اهڙيون ڳالهيون ڪري ٿو.
سائين جي ايم سيد هڪ صدارتي خطاب جيڪو ڪراچي جي هوسٽل ۾ سنڌي پورهيت جي پروگرام ڪجهه هينئن چيو هيو! ”ٻي ڳالهه اوهان کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته اخلاق کانسواءِ ڪا به قوم ترقي نه ڪري سگهندي. اوهان بداخلاقي ڪندو، چوريون ڪندو، ڌاڙا هڻندو ته اوهان ترقي ڪري نه سگهندو ۽ سياست جو بنياد اخلاق تي آهي، بدقسمتي آهي جو اسان جو نوجوان اخلاق جي طرف گهٽ ڌيان ڏين ٿا. جيڪڏهن اوهان ڀانيو ٿا ته اوهان آزاد ٿيو توهان هڪ قوم بڻجو ته اوهان ۾ اخلاق هئڻ گهرجي ۽ توهان کي پئسن جي لاءِ يا اقتدار لاءِ بداخلاقيءَ جو ڪم ڪرڻ نه گهرجي. اوهان اخلاق جي ذريعي ڪامياب ٿي سگهون ٿا. اسان جي پيغير يا ٻين پيغمبرن اخلاق تي زور ڏنو آهي. اخلاق کانسواءِ ڪا به طاقت ڪامياب ٿي نه ٿي سگهي. وڏو اخلاق آهي توهان جيڪڏهن ڀانيو ته ڪامياب ٿيو ته پاڻ مان برايون ڪڍي ڇڏيو توهان جي ڳوٺن ۾ ڌاڙيل ڌاڙا هڻن ٿا. پنهنجن سنڌين کي کڻي پئسا وٺي وڪرو ڪري ڏين ٿا. ڪيڏي نه افسوس ناڪ ڳالهه آهي.
اوهان ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهندو، جيستائين اوهان ۾ اخلاق موجود ناهي، جيستائين اوهان کي چڱي مٺي جي خبر نه پوي سڀني پيغمبرن اخلاق تي زور ڏنو اهي. اسان اڳ ۾ چوندا هئاسون ته اسان وٽ گهڻا ماڻهو اچن ماڻهو ته گهڻا اچي ويا پر انهن ۾ اخلاق عمل ۽ عقل نه هوندو ته اهي ماڻهو ڪهڙي ڪم جا ٿيندا. مهرباني ڪري پاڻ ۾ اخلاق ڌاريو، جيڪي چئو سو ڪريو ۽ پاڻ ۾ توڙي ٻين ماڻهن ۾ قومي شعور پيدا ڪريو، چورين ۽ ڌاڙن کي ويجهو اچڻ نه ڏيو.
اڳتي چوندا هئا ته گهڻين ماڻهين ڇپر کڄي وڃي. پر گهڻا ماڻهو ڪتن ۽ ڪانگن جهڙا لالچي، مفاد پرست ۽ بداخلاق نه هجڻ گهرجن، پر اهڙا هجن جن لاءِ ابراهيم منشي چيو آهي ته:
جهڙو ماڻهو تهڙو ناڻو
هر ڪو پنهنجي اگهه اگهاڻو
جيڪو ماڻهو ڪونه وڪاڻو
0 تبصرے