ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، منشيات فروشن سميت 7 ڄڻا گرفتار

گرفتار ٿيلن ۾ اعظم ملاح، گڊو چانڊيو، حيات شاهه، منصور چانڊيو، شبير ملاح ۽ ديدار جانوري شامل

ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، منشيات فروشن سميت 7 ڄڻا گرفتار

ٺٽو(ڊ ر)ٺٽو پوليس مختلف علائقن ۾ ڪامياب ڪارروائيون ڪندي 2 گٽڪو وڪڻندڙ، 4 منشيات فروش ۽ 1 ڪرمنل سميت 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته وڏي مقدار ۾ نشي آور شيون، هٿيار ۽ گاڏي پڻ برآمد ڪئي وئي آهي.پوليس موجب، ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو جي هدايتن ۽ ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪمن تي،مختلف ٿاڻن گھارو، مڪلي ۽ جھمپير جي پوليس مختلف هنڌن تي ڪامياب ڇاپا هڻي ڪارروائيون ڪيون.انهن ڪارروائين دوران پوليس 2 گٽڪو وڪڻندڙ جوابدار اعظم ولد عبدالرحمان ملاح ۽ گڊو ولد امام بخش چانڊيو کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته 4 منشيات فروش جوابدارن حيات شاهه ولد علي حسن شاهه، منصور علي ولد محمد موسيٰ چانڊيو، غلام شبير ولد غلام حسين ملاح ۽ ديدار ولد گل محمد جانوري کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو. ان سان گڏ 1 ڪرمنل جوابدار غلام حسين عرف گوڏڙ ولد پوڙهو پالاري کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.گرفتار جوابدارن جي قبضي مان پوليس 1000 پُڙيون گٽڪو ماوا، 55 ڪلو گٽڪو مٽيريل، 1 ويگنار ڪار، 100 بيگز ديسي شراب ۽ 1 پسٽل برآمد ڪري ورتو. برآمد ٿيل سامان کي قانوني تحويل ۾ وٺي، جوابدارن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن تي منشيات آرڊيننس ۽ گٽڪو ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.ان کان علاوه مڪلي پوليس مورخہ 5 جنوري 2026ع تي گھارو شهر مان چوري ٿيل موٽر سائيڪل برآمد ڪري، اصل مالڪ محمد علي لاشاري حوالي ڪري ڇڏي آهي.ٺٽو پوليس جي ترجمان موجب، ڏوهارين ۽ سماج دشمن عنصرن خلاف اهڙيون ڪارروائيون مستقبل ۾ به جاري رهنديون، ته جيئن علائقي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائي سگهجي.