ڏوڪري: زرعي فارم ڪالوني واسڻ نوجوان ناري جو گهر مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ

ڏوڪري: زرعي فارم ڪالوني واسڻ نوجوان ناري جو گهر مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري جي زرعي فارم ڪالوني جي رھواسڻ 22 ورهين جي سعيده گاڏهي جو گهر مان ڳلو ڪپيل لاش مليو، ناري جي وارثن سندس لاش ڏوڪري اسپتال پھچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ڏوڪري پوليس جي چوڻ مطابق فارم ڪالوني جي 22 ورهين جي مسمات سعيده گاڏهي جو گهر مان ڳلو ڪپيل لاش مليو، ناري جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي طرف ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي ڏوڪري مير امداد ٽالپر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ان موقعي تي ڊي ايس پي ڏوڪري مير امداد ٽالپر صحافين کي ٻڌايو ته اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش کڻائي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، جڏھن ته واقعي واري هنڌان ڇري ھٿ ڪري ورتي آهي، ڇري کي فرانزڪ ليبارٽري موڪليو ويو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته ناري سعيده گاڏھي واري معاملي جي جاچ جاري آھي، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ ڇري جي فرانزڪ رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.