ٺٽي ۾ سال جي پهرين رات هوٽل مان لکين رپين جي چوري

ٺٽي ۾ سال جي پهرين رات هوٽل مان لکين رپين جي چوري

ٺٽو (ڊ ر)نئين سال 2026 جي پهرين رات چورن جو ٺٽو پوليس کي سرپرائز ڊيئي واردات ڪري ويا، نئون سال 2026 شروع ٿيندي ئي ٺٽو شھر ۾ چوريءَ جي پهرين واردات، جيڪا حد جي پوليس لاءِ به هڪ تحفو بڻجي وئي آهي۔رات ديرسان ٺٽو شھر جي درگاھ شيخ فريد چوڪ تي قائم هڪ غريب تاجر محمد حسن سمون جي هوٽل تي چورن کاٽ هڻي ايل اي ڊي، بيٽريون سميت ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري لکين رپين جو نقصان ڪري فرار ٿي ويا۔افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سوناري بازار ۾ حاجي يوسف سوناري جي دڪان مان ڪروڙين رپين جي واردات پڻ ٿي، جنهن جو اڄ تائين نه ڪو نتيجو نڪتو آهي ۽ نه ئي ذميوارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔مرڪزي تاجر اتحاد ٺٽو، ضلعي انتظاميا ۽ حد جي پوليس کان سخت مطالبو ڪري ٿو ته وڌندڙ وارداتن جو فوري نوٽيس ورتو وڃي، شهر ۾ گشت وڌايو وڃي ۽ ڏوهارين کي جلد کان جلد گرفتار ڪري واپارين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي۔جيڪڏهن اهڙي لاپرواهي جاري رهي ته واپارين ۾ سخت بيچيني پيدا ٿيندي، جنهن جي ذميواري سڌي طرح انتظاميا تي هوندي۔