ٺٽو ڊسٽرڪٽ جيل ۾ هڪ قيدي پراسرار نموني سان فوت

سجاول واسي قيدي حسين ملاح جي فوت ٿيڻ تي جيل انتظاميه ۾ ٿرٿلو

ٺٽو ڊسٽرڪٽ جيل ۾ هڪ قيدي پراسرار نموني سان فوت

ٺٽو (شفيق ڀٽي) ٺٽي جي نئين تعمير ٿيل ڊسٽرڪٽ جيل ۾ هڪ قيدي پراسرار نموني سان فوت ٿي ويو ، جنهن سبب جيل انتظاميه توڙي ضلعي انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو. فوت ٿيل قيدي جي سڃاڻپ سجاول واسي حسين ملاح طور ٿي۔ پوليس موجب قيدي مبينا طور خودڪشي ڪئي آهي، جنهن جي تصديق ايس ايچ او مڪلي پڻ ڪئي آهي۔ واقعي بعد سول جج ٺٽو ۽ ايس ايچ او مڪلي ڊسٽرڪٽ جيل پهچي ويا۔ ايس ايچ او موجب وارثن جي جيل پهچڻ بعد لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو۔ ٻئي پاسي جيل انتظاميه واقعي بابت ميڊيا کي ڪنهن به قسم جي ڄاڻ ڏيڻ لاء تيار ناھي، جڏهن ته ميڊيا کي جيل جي اندروني صورتحال کان بي خبر رکيو پيو وڃي۔ جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ جاري آهي، پر هو ڪوبه سرڪاري بيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، واقعي بعد انساني حقن جي تنظيمن ۽ شهري حلقن پاران واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو ويو.