English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي ايجنڊا تي سنڌ جي ترقي ناھي: اياز لطيف پليجو
219 views
|
01st Jan 2026
•
سنڌي خبرون
نوجوان نئون سال تعليم ۽ جدوجھد لاءِ ارپي ڇڏين، سنڌ حڪومت جي 18 سالن جي حڪومت سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ نوجوان نئون سال تعليم ۽ جدوجھد لاءِ ارپي ڇڏين. وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي ايجنڊا تي سنڌ جي ترقي ناھي. زراعت کي تباھ ڪري ھارين، آبادگارن ۽ سنڌ جو معاشي قتل ڪيو ويو آھي. پيپلز پارٽي اقتدار خاطر قبيلائي دھشتگردي، ڌاڙيل راڄ، مھانگائي، غربت، درياھ، زمين ۽ وسيلن تي ڌاڙا ھنيا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت چاھي ھا تہ سنڌ تعليم، صحت سميت ھر شعبي ۾ دنيا جو مقابلو ڪري ھا پر 18 سالن جي حڪومت سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. سڄي ملڪ ۾ سنڌ جي ڪرپشن جو مقابلو ناھي. نوڪريون ۽ ڊگريون پڪوڙا بنائي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي شفافيت ۽ ميرٽ سان بدلائي سگھجي ٿو. نوجوان علم ۽ سائنسي ذريعي چئلينجز جو مقابلو ڪن. ڳوٺن مان نڪري شھرن ۾ اچن. وڏن شھرن ۾ روزگار ڪن. ٽيڪنيڪل ڪورس ڪن. اسڪالرشپس تحت ٻاھر وڃن. دنيا آجيان لاءِ تيار آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي سنڌي ماڻھن جي اميدن جي برخلاف ڪم ڪيو آھي. جمھوريت جو نعرو صرف ڏيکاء لاءِ ھنيو آھي، عملي طور عوام دشمن، پورھيت دشمن، اظھار جي آزادي خلاف، عورتن، اقليتن ۽ انساني حقن جي خلاف ڪم ڪيو آھي. جيڪي سردار، وڏيرا، جاگيردار عوام کي نپوڙين، ۽ استحصال ڪن ٿا، انھن کي طاقتور بنايو آھي. سنڌ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني ناھي. سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ جرڳائي ماڻھن جو راڄ آھي. پوليس ۽ انتظاميه ذاتي ۽ سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي ايجنڊا تي
جي ترقي ناھي: اياز لطيف پليجو
0 تبصرے