English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي ايجنڊا تي سنڌ جي ترقي ناھي: اياز لطيف پليجو
6 views
|
01st Jan 2026
•
سنڌي خبرون
نوجوان نئون سال تعليم ۽ جدوجھد لاءِ ارپي ڇڏين، سنڌ حڪومت جي 18 سالن جي حڪومت سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ نوجوان نئون سال تعليم ۽ جدوجھد لاءِ ارپي ڇڏين. وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي ايجنڊا تي سنڌ جي ترقي ناھي. زراعت کي تباھ ڪري ھارين، آبادگارن ۽ سنڌ جو معاشي قتل ڪيو ويو آھي. پيپلز پارٽي اقتدار خاطر قبيلائي دھشتگردي، ڌاڙيل راڄ، مھانگائي، غربت، درياھ، زمين ۽ وسيلن تي ڌاڙا ھنيا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت چاھي ھا تہ سنڌ تعليم، صحت سميت ھر شعبي ۾ دنيا جو مقابلو ڪري ھا پر 18 سالن جي حڪومت سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. سڄي ملڪ ۾ سنڌ جي ڪرپشن جو مقابلو ناھي. نوڪريون ۽ ڊگريون پڪوڙا بنائي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي شفافيت ۽ ميرٽ سان بدلائي سگھجي ٿو. نوجوان علم ۽ سائنسي ذريعي چئلينجز جو مقابلو ڪن. ڳوٺن مان نڪري شھرن ۾ اچن. وڏن شھرن ۾ روزگار ڪن. ٽيڪنيڪل ڪورس ڪن. اسڪالرشپس تحت ٻاھر وڃن. دنيا آجيان لاءِ تيار آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي سنڌي ماڻھن جي اميدن جي برخلاف ڪم ڪيو آھي. جمھوريت جو نعرو صرف ڏيکاء لاءِ ھنيو آھي، عملي طور عوام دشمن، پورھيت دشمن، اظھار جي آزادي خلاف، عورتن، اقليتن ۽ انساني حقن جي خلاف ڪم ڪيو آھي. جيڪي سردار، وڏيرا، جاگيردار عوام کي نپوڙين، ۽ استحصال ڪن ٿا، انھن کي طاقتور بنايو آھي. سنڌ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني ناھي. سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ جرڳائي ماڻھن جو راڄ آھي. پوليس ۽ انتظاميه ذاتي ۽ سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jan 2026
•
شوبز
صبا قمر کے بولڈ انداز پر صارفین ایک بار پھر تنقید کرنے لگے
01st Jan 2026
•
دلچسپ اور عجیب
90سالہ معمر شخص کی 25 سالہ لڑکی سے شادی
01st Jan 2026
•
تازہ ترین
”بقایا تنخواہیں ادا کرو، ورنہ جہاز نہیں اُڑے گا“ پائلٹ کے اچانک انکار نے مسافروں کو پریشان کر دیا
01st Jan 2026
•
تازہ ترین
کراچی: نئے سال کی خوشی میں ہوائی فائرنگ، 28 افراد زخمی
01st Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ڊسٽرڪٽ جيل ۾ هڪ قيدي پراسرار نموني سان فوت
01st Jan 2026
•
سنڌي خبرون
وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي ايجنڊا تي سنڌ جي ترقي ناھي: اياز لطيف پليجو
01st Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ سال جي پهرين رات هوٽل مان لکين رپين جي چوري
01st Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: سپر هاءِ وي تي حادثن ۾ 2ڄڻا فوت، مبينا مقابلي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي ايجنڊا تي
جي ترقي ناھي: اياز لطيف پليجو
0 تبصرے