ملير جوکيا برادري جو پنھنجي نوجوان کان لاتعلقي

محمد حليم، محمد ڪليم ۽ سندن سئوٽ علم الدين جوکيو پريس ڪلب پهتا

ملير جوکيا برادري جو پنھنجي نوجوان کان لاتعلقي

ملير (عبدالرشيد مورجھريو) جوکيا برادري جي هڪ خاندان پنهنجي نوجوان عليم جوکيو کان مڪمل لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڌڻي پرتو موسيٰ ڳوٺ جا رهواسي محمد حليم جوکيو ۽ محمد ڪليم جوکيو پنهنجي سئوٽ علم الدين جوکيو سان گڏ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سندن ڀاءُ عليم جوکيو ولد سليم جوکيو غلط صحبت ۾ اچي بي راهه روي جو شڪار ٿي ويو آهي هنن چيو ته گهڻين ڪوششن باوجود به عليم جوکيو پنهنجي روين ۾ سڌارو نه آندو، جنهن سبب سمورن گهرڀاتين متفقه طور اهو فيصلو ڪيو آهي ته اڄ کان پوءِ عليم جوکيو سان سندن ڪو به سماجي، خانداني يا مالي واسطو نه رهندو. هنن واضح ڪيو ته عليم جوکيو پنهنجي هر عمل جو پاڻ ذميوار هوندو ۽ جيڪڏهن ڪو به شخص ساڻس ڪا ڏيتي ليتي ڪندو ته ان جو ذميوار بہ ھو پاڻ هوندو هنن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير، ڊي سي ملير سميت ٻين واسطيدار عملدارن کان اپيل ڪئي ته سندن هي بيان سرڪاري رڪارڊ تي آندو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال جي صورت ۾ وقت سر ڪم اچي سگهي ..