عمرڪوٽ ويجهو ڪاٺ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2نوجوان فوت

عمرڪوٽ ويجهو ڪاٺ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2نوجوان فوت

عمرڪوٽ (ڊ ، ر) عمرڪوٽ ضلعي جي پپري اسٽاپ وٽ انتهائي افسوسناڪ روڊ حادثو پيش آيو، جتي ڪاٺ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه نوجوان فوت ٿي ويا، حادثي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان سخت زخمي ٿيا، جن مان هڪ نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو نوجوان سخت زخمن سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر زخم جا سور نه سهندي هو پڻ دم ڏئي ويو، فوت ٿيل نوجوانن جي سڃاڻپ ڍورونارو واسي مير ممتاز علي راڄڙ طور ٿي آهي، جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ ممتاز راڄڙ جو پٽ ٻڌايو وڃي ٿو، جڏهن ته ٻئي نوجوان جي سڃاڻپ زوهيب نيازي طور ڪئي وئي آهي، مقامي ماڻهن موجب حادثو ٽريڪٽر ٽرالي جي تيز رفتاري ۽ بي احتياطي سبب پيش آيو، جنهن کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس پهچي لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾ وٺي واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، حادثي بعد فوتين جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ علائقي واسين پاران واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي، پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪَ جاچ جاري آهي ۽ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.