English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي جي سونارا بازار ۾ دڪان مان ڪروڙين رپين جي چوري، واپارين جو احتجاج
266 views
|
30th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اڻڄاتل چور سوناري حاجي يوسف جي دڪان کي کاٽ هڻي ڪروڙين رپين جي چوري ڪري فرار
ٺٽو(ڊر) مين صرافه بازار مان ڪروڙين روپين جي وڏي چوري، واپارين جو سخت احتجاج، مارڪيٽ بند ٺٽي جي مين صرافه بازار (سونار گلي) مان نامعلوم چور رات جي اونداهي ۾ ڪروڙين روپين جي ماليت جو سون ۽ نقد رقم کڻي فرار ٿي ويا. ڄاڻ موجب هڪ سوناري جي دڪان جي ڇت ٽوڙي، چور لڳ ڀڳ ٻه ڪروڙ روپين جو سون ۽ نقد رقم کڻي ويا، جڏهن ته واقعي وقت هڪ چوڪيدار ۽ پوليس اهلڪار جي موجودگي به ٻڌائي پئي وڃي. دڪان جي مالڪ سوناري حاجي يوسف ٻڌايو ته واردات رات دير سان ٿي، صبح جڏهن هن دڪان کوليو ته سڀ ڪجهه صاف ٿيل هو. هن چيو ته ايتري وڏي واردات باوجود پوليس طرفان ڪو به خاطرخواهه قدم نه کنيو ويو. واقعي خلاف واپاري برادري سخت احتجاج ڪندي سڄي مارڪيٽ بند ڪري ڇڏي. احتجاج دوران واپاري اڳواڻن ڪامران قريشي، حاجي يوسف، حاجي وسيم اختر ميمڻ ۽ ٻين چيو ته واپاري عدم تحفظ جو شڪار آهن ۽ روزانو ڦر ۽ چوري جون وارداتون وڌنديون پيون وڃن. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر چور گرفتار نه ڪيا ويا ۽ چوري ٿيل زيور برآمد نه ٿيو ته ٺٽو سميت پوري سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪندي مارڪيٽون بند ڪيون وينديون
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي جي سونارا بازار ۾ دڪان مان
0 تبصرے