مورو پوليس جي ڪارروائي، 2 ڦر ٿيل گاڏيون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

وقار جيسر ۽ خادم چانڊيون کان ڦر ٿيل گاڏيون واپس ڪرايون: ايس ايڇ او مورو

مورو پوليس جي ڪارروائي، 2 ڦر ٿيل گاڏيون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

مورو (جاني جماڻي)مورو ايس ايڇ علي اڪبر کوکر مورو شهر مان ڦريل موٽرسائيڪلن جي واپسي جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو آهي تفصيل موجب مورو گلشن محمدي ڪالوني واسي وقار علي ولد عبدالستار جيسر کان ڪجه وقت پهريان سي ڊي 2021 ماڊل موٽرسائيڪل ڦرجي وئي هئي جيڪا گاڏي ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر ڪارروائي ڪري رڪور ڪرائي اصل مالڪ حوالي ڪئي جڏهن ته مورو ڀرسان ڳوٺ يار محمد چانڊيو جي رهواسي خادم علي ولد محمد بخش چانڊيو کان سي ڊي 2008 موٽرسائيڪل ڦرجي وئي هئي جيڪا گاڏي ايس ايڇ او ڪارروائي ڪري رڪور ڪري اصل مالڪ حوالي ڪئي ان موقعي تي موٽرسائيڪلن جي مالڪن پاران گاڏيون واپسي ٿيڻ تي ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر کي نوٽن جا هار پارائي ايس ايڇ او جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ان موقعي تي ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر چيو ته ڏوهاري ڪيڏو ڀلي طاقتور يا بااثر ڇو نه هجي انهي کي بخش نه ڪيو ويندو مورو جي شهرين جو تحفظ ڪرڻ اسان جي ڊيوٽي ۾ فرض آهي