محمد عثمان ڏيپلائي، جنهن جا لفظ ڳالهائين ٿا..!

نزاڪت علي سومرو

محمد عثمان ڏيپلائي، جنهن جا لفظ ڳالهائين ٿا..!

سنڌ جو ناميارو شاعر، عالم، صحافي، اديب، ناول نگار ۽ مضمون نگار محمد عثمان "شائق" جو جنم 13 جون 1908ع ڏيپلي شهر جي هڪ ننڍي واپاري حبيبﷲ ميمڻ جي گهر ۾ تعلقي ڏيپلي ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٿي. پاڻ ٻن سالن جا ٿيا تہ ڏيپلي ۾ وبا اچي منهن ڪڍيو، جنھن جي ڪري سڀني کي لڏڻو پيو، ۽ هي بہ"سڀڙي" نالي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳا، وبا ختم ٿيڻ کانپوءِ واپس ڳوٺ ويا. محمد عثمان کي پرائمري اسڪول ڏيپلي ۾ پنجن سالن جي عمر ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هيڊ ماستر قاضي عبدالرحيم نصرپوري ۽ استاد ميمڻ ابو طالب، ماستر جيسا رام ۽ تيجو مل هئا.

محمد عثمان ڏيپلائي ننڍي هوندي کان ئي بيحد ذهين ۽ هوشيار هو. ان سان گڏ سندس اکر پڻ بيحد سهڻا هئا. جنھن جي ڪري ڏيپلائي ڪلاس ۾ پهريون يا ٻيو نمبر ايندو هو.ٻارهن سالن جي عمر ۾ ڇهون درجو پاس ڪيائين. ان وقت پندرهن سالن جي عمر کان اڳ فائنل پاس ڪرڻ جي اجازت نہ هئي. استاد جي خصوصي اجازت سان ساڳئي ڪلاس ۾ ٽي سال رهيو. جتي عربي، گجراتي، هندي، گرمکي، فارسي ۽ انگريزي پڙهيو.

اڳتي پڙهڻ لاءِ ڏيپلائي کي ويه ميل پري مٺي شهر ۾ وڃڻو پوندو هو. پر ستن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ هجڻ ڪري شهر کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نہ ملي. ڏيپلائي صاحب کي هڪ ڀاءُ هارون هو جيڪو ننڍي عمر ۾ ئي وفات ڪري ويو.پوءِ اڳتي هلي پنجونجاه سالن جي عمر ۾ 1962ع پنهنجي پٽ ۽ ڏوهٽي ڊاڪٽر محمد علي سان گڏ ميٽرڪ حيدرآباد بورڊ مان پاس ڪيائين.

محمد عثمان ڏيپلائي والد صاحب سان گڏ واپار ۾ لڳي ويو. ڪجھ وقت واپار کانپوءِ ڏڪار واري صورتحال ۾ تنگ اچي لاڙ جو رخ ڪيائين، 1924ع ۾ واپار جو خيال لاهي خانگي ملازمت شروع ڪيائين ۽ زميندارن وٽ منشي ٿي رهيو. ملازمت جو گهڻو عرصو خان صاحب عطا محمد پلي وٽ رهيو.

ڏيپلائي صاحب 1924ع ۾ خواجه حسن نظامي جي دهليءَ مان نڪرندڙ رسالي "منادي" لاءِ خط لکيو جيڪو نظامي صاحب جيئن جو تيئن شايع ڪري ڇڏيو. هي خط منادي ۾ ڇپيل مضمون محمد بن قاسم ۾ غلطيون هيون جيڪي ڏيپلائي صاحب لکي موڪليون.ان کان پوءِ پاڻ اردو ۾ هڪ ٻيو بہ مضمون لکيو اهو بہ دهليءَ جي رسالي "دين ودنيا" ۾ شايع ٿيو.سندس پهريون افسانو "چنڊ سهڻو يا انسان" حڪيم خليق مورائي جي جاري ڪيل رسالي "علمي دنيا" ۾ 1928ع ۾ شايع ٿيو.ڏيپلائي 1938ع ڌاري فقط پنجاه رپين جي موڙي سان اسلاميہ دارالاشاعت نالي اداري جو بنياد وڌائين.

1942ع پاڻ حيدرآباد لڏي آيو ۽ جتي اسلاميہ دارالاشاعت اداري کي وڌايو هن اداري مان ئي ماهوار عبرت اخبار 1941ع ۾ شروع ڪئي وئي، 1945ع ۾ عبرت اخبار کي هفتيوار اخبار ۾ تبديل ڪيو ويو. اهائي اخبار محمد عثمان ڏيپلائي 1952ع ۾ روزاني اخبار طور جاري ڪئي. ۽ 1958ع ۾ ڏيپلائي صاحب عبرت اخبار قاضي ڀائرن کي ڏني. محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جون ٻہ شاديون هيون، پهرين 1925ع ۾ ڪئي. جنھن مان کيس هڪ نياڻي هئي. ۽ ٻي شادي 1936ع ۾ ڪئي جنهن مان کيس ڏه ٻار ٿيا.

ڏيپلائي صاحب جو پهريون ناول "سنگدل شهزادي" هو. سندس ٻين مشھور ناولن ۾ "سانگهڙ"، گلستان حسن، حور بغداد، روم جي راڻي، غازي صلاح الدين، سنگدل شهزادي، چين جو چنڊ، رنگ محل ۽ ٻيا ڪيترائي ناول شامل آهن. "سانگهڙ" ناول حر جماعت تحريڪ ۽ سورهيه بادشاهه جي لاءِ لکيو آهي.هن ناول جو اردو زبان ۾ ترجمو بہ ڪيو ويو آهي.محمد عثمان ڏيپلائي صاحب گھڻا ڪتاب پيرن ۽ وڏيرن جي منفي پهلوئن تي لکيا آهن.ان کان علاوه محمد عثمان ڏيپلائي شخصيتن ۽ سوانح حيات تي ڪجھ ڪتاب لکيا آهن. محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي خدمتن جي عيوض سندس وفات کان پوءِ 2004ع ۾ حسن ڪارڪردگي جو صدارتي ايوارڊ ڏنو ويو. قاسم آباد ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ روڊ سندس نالي سان منسوب ڪيا ويا. ۽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڏيپلو کي گورنمينٽ محمد عثمان ڏيپلائي بوائز پرائمري اسڪول مين نالو رکيو ويو.محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جا ننڍا وڏا 129ڪتاب آهن. ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مواد اڻ ڇپيل آهي. ڏيپلائي صاحب جي وفات 7 فيبروري 1981ع تي حيدرآباد ۾ ٿي، سندس مزار شاه مڪي قبرستان ۾ آهي.