English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ آرا مشين يونين، ٽريڪٽر اونرز ۽ مزدورن طرفان پوليس خلاف احتجاج
186 views
|
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
غلام شبير سنديلو، فياض سومرو، لياقت علي، قربان ٻگھيو، ديدار ڪوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ آرا مشين يونين ۽ ٽريڪٽر اونرز ۽ مزدورن طرفان ڏوڪري پوليس جي زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي صحافين اڳيان دانهيندي آرا مشين يونين جي اڳواڻن ۽ مزدورن غلام شبير سنديلو، فياض سومرو، لياقت علي، قربان ٻگھيو، ديدار ڪوري، بيگ محمد ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته ڏوڪري تعلقي ۾ ڪاٺ جي واپارين ۽ مزدورن سان پوليس جي زيادتين سبب 15 ڏينھن کان آرا مشينون ۽ ڪاروبار مڪمل طور تي بند پيل آھي، جنھن سبب سوين مزدور بيروزگار بڻيل آھن. ھنن چيو ته آرا مشين مالڪ توڙي بروڪر ڪنھن بہ ٻيلي جو وڻ نه وڍيندا آھيون، باقي ذاتي سروي نمبرن، گھرن ۽ زمينن ۾ ڪريل وڻ ڪٽيندا آھيون، جنھن بابت ٻيلي کاتي کي پڻ اطلاع ڏيندا آھيون، پر تنھن باوجود ڊي ايس پي ڏوڪري جو ذاتي گن مين ۽ ايئرپورٽ، سيھڙ، گاجيديرو، باڊھ، ويھڙ ۽ ٻين ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز 10 ھزارن کان 50 ھزار رشوت گهري رھيا آھن. ايس ايڇ او ايئرپورٽ لياقت کجڙ ڏيڍ لک رپيا رشوت گھري رھيو آھي، نه ڏيڻ تي اسان جو ھڪ ٽريڪٽر چالان ڪرڻ سميت ڊرائيور شفقت ٻرڙو اڃان تائين گم ڪري ڇڏيو آھي. ھنن چيو ته پوليس کي رشوت ڏيڻ سبب ڪاٺ مھانگو وڪڻڻ بجاءِ آرا مشينون بند ڪري ڇڏيون آھن، جنھن ڪري واڍا، ڊکڻ، ڪاٺ جون پٽيون ٺاھيندڙ، گڏھ گاڏن، ٽريڪٽرن جا سوين مزدور بيروزگار بڻيل آھن، جڏھن ته در، دريون، گھرن جي ٻارڻ جو ڪاٺ ۽ قبر ۾ دفنائڻ لاءِ ڪاٺ جا ڦٽا نه ملڻ ڪري عوام پريشان آھي. ھنن چيو تي ٻيلي کاتي جو وڻ ثابت ٿيڻ تي واپاري يا آرا مشين مالڪ خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، پر ذاتي يا سروي نمبر جا ڪاغذ ڏيکارڻ يا تصديق ڪرائڻ باوجود پوليس طرفان رشوت وٺڻ سراسر ظلم ۽ ناانصافي آھي، جنھن خلاف نوٽيس وٺڻ تائين اسان جو احتجاج جاري رھندو. ھنن وڏي وزير، آء جي سنڌ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته پرائيويٽ وڻ وڪڻندڙن، ڪاٺ جي واپارين، بروڪرن ۽ آرا مشينن جي مالڪن کي تنگ ڪندڙ ايس ايڇ اوز ۽ پرائيويٽ گن مين خلاف ڪارروائي ڪري گم ڪيل ٽريڪٽر ڊرائيور شفقت ٻرڙو کي بازياب ڪرائي تحفظ فراھم ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري
0 تبصرے