English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: شاهه لطيف ٽائون واسين جو قبضاگيرن ۽ ڀتي خورن خلاف احتجاج
views
|
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
قبضا 2009ع ۾ شروع ٿيا، جڏهن سيڪٽر 30 تي قبضي بعد ان کي “در محمد ڳوٺ” جو نالو ڏنو ويو: رهواسي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاهه لطيف ٽائون ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي (MDA) جي اسڪيم 25 جا رهواسي گذريل 15 ورهين کان لينڊ گريبرز ۽ ڀٽي خورن جي عذاب ۾ مبتلا آهن علائقي واسين گذريل ڏينهن احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته پلاٽن تي قبضا ۽ ڀٽي خوري جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ڪجهه حڪومتي عنصرن جي پشت پناهي سبب انهن گروپن جا حوصلا وڌيڪ بلند ٿي ويا آهن متاثرين موجب قبضا 2009ع ۾ شروع ٿيا، جڏهن سيڪٽر 30 تي قبضي بعد ان کي “در محمد ڳوٺ” جو نالو ڏنو ويو. شهري اعليٰ عدالتن سان رجوع ڪيو، جتي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ڪيترائي ڀيرا انهن ڳوٺن کي جعلي قرار ڏئي خالي ڪرائڻ جا حڪم ڏنا، پر افسوس جو عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿي سگهيو رهواسين الزام هنيو ته ڀتو نه ڏيڻ تي کين قتل جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون، ۽ جيڪڏهن ڪو مالڪ پنهنجي پلاٽ تي تعمير شروع ڪري ته رات جي اوندهه ۾ ديوارون ڪيرائي ڇڏيون وڃن ٿيون ۽ هٿياربند ماڻهو مقرر ڪري ڇڏيا وڃن ٿا متاثر شهري سرفراز آرائين ٻڌايو ته 21 سيپٽمبر 2025ع تي جڏهن هن پنهنجي ڪمرشل پلاٽن (5758-SC، سيڪٽر B-30) تي تعمير شروع ڪئي ته ان کان 10 لک رپيا ڀتو گهريو ويو ۽ قتل جي ڌمڪي ڏني وئي شاهه لطيف ٽائون جي رهواسين سنڌ حڪومت، ڊي جي ايم ڊي اي، ڊي سي ملير، ايس ايس پي ملير۽انڪروچمينٽ پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته لينڊ گريبرز ۽ ڀتو خور مافيا خلاف فوري ۽ مؤثر ڪارروائي ڪئي وڃي.عدالتي حڪمن تي عمل ڪرائي سڀ غير قانوني قبضا ختم ڪيا وڃن.شهريَن جي پلاٽن، گهرن ۽ جان و مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي علائقي واسين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت هاڻي به عملي قدم نه کنيو ته علائقي ۾ ڪنهن وڏي تصادم جو خطرو وڌي سگهي ٿو، جنهن جي سڄي ذميواري سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن تي هوندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قبضا 2009ع ۾ شروع
ملير: شاهه لطيف ٽائون واس
0 تبصرے