ملير: موبائل جي دڪان تان هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي چوري، ڪيس داخل

شاه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ چور تالا ڀڃي دڪان مان هڪ ڪروڙ 11 لک 83 هزار 900 رپيا روڪ رقم کڻي ويا: دڪان مالڪ

ملير: موبائل جي دڪان تان هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي چوري، ڪيس داخل

ملير (ڊ ر) شاہ لطيف ٽائون ۾ موبائل جي دڪان تان هڪ ڪروڙ 11لک 83هزار 9 سئو روپين جو ڌاڙو واقعي جو شاہ لطيف ٿاڻي تي ڪيس داخل پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي ملير ۾ نئي سال پهرين مهيني ۾ ٻئين وڏي واردات سامهون آئي آهي گذريل رات شاه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ موبائل جي دڪان تان هڪ ڪروڙ 11لک 83 هزار 9 سئو روپين روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا ۔دڪان مالڪ جو چوڻ آهي ته سندس دڪان جا تالا ٽوڙي چوري ڪئي دڪان اندر لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرا خراب هنيون چورن خلاف ڪاروائي ڪري رقم واپس ڪرائي وڃي ۔ ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي ۔ ايتري وڏي رقم دڪان تي پئي هئي سڀني رخن کان جاچ جاري آھي جلدي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو ياد رهي ڪجھ ڏينهن اڳ گلشن حديد ۾ گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي 95 لک جو ڌاڙو لڳايو ويو هيو جنهن جا جوابدار ڪيس داخل باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا آهن ۔