ٺٽي ۾ لاشاري برادري جي معزز جي گھر مان ڌاڙو، جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ملير ۾ احتجاج

سردار حسن لاشاري جي گهر ٻه ڀيرا ڌاڙو لڳو، هٿياربندن 50لک رپيا روڪ، سونا زيور ۽ ٻيو سامان کڻي ويا: مظاهرين

ٺٽي ۾ لاشاري برادري جي معزز جي گھر مان ڌاڙو، جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ملير ۾ احتجاج

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ٺٽي ضلعي جي گھارو شهر ۾ لاشاري برادري جي معزز سردار حسن لاشاري جي گھر ۾ لڳندڙ ڌاڙي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف آل پاڪستان لاشاري بلوچ هيومن رائيٽس ايسوسيئيشن ملير طرفان ضلعي صدر ڊاڪٽر انور لاشاري ، سينيئر نائب صدر رئيس مقبول لاشاري ، جنرل سيڪريٽري ڄام جميل لاشاري، سردار حاجي شاھ مراد لاشاري، غلام حيدر لاشاري حاجي اجمل ڪلمتي۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاشاري ڳوٺ کان عوامي پريس ڪلب ملير تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ان موقعي تي مظاهرين ٺٽو پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ضلعو ٺٽو خاص طور تي گهارو ٿاڻي جي حدن اندر امن امان جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي بڻجي چڪي آهي جتي ڦر، چوري ۽ رهزني جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن پر پوليس طرفان ڪا به اثرائتي ڪارروائي نظر نٿي اچي هنن ٻڌايو ته سردار حسن لاشاري جي گهر ٻه ڀيرا ڦر ٿي آهي جنهن دوران هٿياربندن گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي لڳ ڀڳ پنجاهه لک رپيا نقد، سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان کسي ورتو پر ايتري وڏي واردات باوجود گهارو پوليس نه جوابدارن کي گرفتار ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي متاثر خاندان کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي جنهن سبب علائقي واسي سخت خوف ۽ دهشت ۾ مبتلا آهن مظاهرين سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو ته ڦر ۾ ملوث جوابدارن کي ترت گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، گهارو سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پوليس گشت وڌايو وڃي ۽ بدامني تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام پوليس عملدارن خلاف سخت کاتيداري ڪارروائي ڪئي وڃي اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبن تي فوري عمل نه ٿيو ته وزير اعليٰ هائوس سميت ايس ايس پي ٺٽو جي آفيس ۽ مين نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻا هنيا ويندا.