سانجھ سنڌ فورم طرفان قومي ڪارڪن عبدالرحمان حاجي سومرو جي ياد ۾ ميڙاڪو

عبدالرحمان حاجي سومرو کي سندس سياسي، قومي ۽ سماجي خدمتن تي ياد ڪندي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي

سانجھ سنڌ فورم طرفان قومي ڪارڪن عبدالرحمان حاجي سومرو جي ياد ۾ ميڙاڪو

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سانجھ سنڌ فورم طرفان سياسي، سماجي ۽ قومي ڪارڪن عبدالرحمان حاجي سومرو جي ياد ۾ ميمڻ ڳوٺ ايس ڊيو ھال ۾ ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي اڳواڻن ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ علي مستوئي، علي نواز ٻٽ، سيد خدا ڏنو شاهه صمند ڪاتيار، اياز ھڪڙو، اسلم ميمڻ، انور ميمڻ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا مقررن عبدالرحمان حاجي سومرو جي سياسي، قومي ۽ سماجي خدمتن کي ياد ڪندي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي علي مستوئي چيو عبدالرحمان حاجي سومرو هڪ اصلوپرست سياسي ۽ قومي ڪارڪن هو، جنهن هميشه پنهنجي وطن ڌرتي جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. هن پنھنجي سڄي ڄمار جيئي سنڌ محاذ کي ارپي ڇڏي ھو مسلسل 10سال جيئي سنڌ.محاذ جو خزانچي رھيو ساھ جي آخري گھڙي تائين ھن پنھنجي اصولن تي سوديبازي نہ ڪئي ۽ سنڌي عوام خاص طور ملير واسين کي پنهنجا سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حق حاصل ڪرڻ جو شعور ڏنو سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه چيو حاجي سومرو ملير جو برجستو ڪردار ھو هن سنڌ جي عوام جي حقن، ثقافتي سڃاڻپ ۽ سياسي خودمختياري لاءِ ڪم ڪيو. سندس اصولن تي ثابت قدم رهڻ ۽ بي خوف سياست ڪرڻ هر دور ۾ سنڌي عوام خاص طور ملير واسين لاءِ روشن مثال آهي علي نواز ٻٽ ۽ صمند ڪاتيار چيو تہ حاجي سومرو قومي ڪارڪن لاءِ هڪ مشعل راه هو ميمڻ ڳوٺ سميت ملير ۾ جيئي سنڌ محاذ لاء ھن تاريخي ڪم ڪيو ۽ ڪيترن ئي نوجوانن کي همٿ ڏني ته هو قومي تحريڪ ۾ حصو وٺن ۽ پنهنجي علائقن ۾ انصاف، امن ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪن اياز ھڪڙو چيو حاجي سومرو جو عزم ۽ قرباني هميشه ياد رکي ويندي ھو قومي ڪارڪن لاء ڇپر ڇانو ھو سندس جدوجھد ايندڙ نسل لاءِ سبق آهي ته حق ۽ انصاف لاءِ هميشه بي خوف رهي خدمتون سرانجام ڏجن انور ميمڻ چيو ته حاجي سومرو جي سياسي، قومي ۽ سماجي اصولن تي عمل ڪندي سنڌ ۽ سنڌي عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جاري رکڻ ضروري آهي، ۽ قومي تحريڪ کي مضبوط بڻائڻ ۾ نوجوان نسل کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو اڳواڻن عزم ڪيو ته عبدالرحمان حاجي سومرو جي اصولن تي عمل ڪندي سنڌ ۽ سنڌي عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙ جاري رهندي، ۽ قومي تحريڪ کي مضبوط بڻائڻ لاء سانجھ سنڌ فورم پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو..