سرتيون سنگ نمائش مقامي هنرمندن کي پنھنجي تيار ٿيل شين کي مارڪيٽ ۾ روشناس ڪرائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائيءَ، رٿابندي و ترقيءَ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه ڪراچيءَ ۾ واقع اوشين مال ۾ چئن ڏينهن واري ”سرتيون سنگ ڪرافٽس“ نمائش جو افتتاح ڪيو. چئن ڏينهن واري اھا نمائش سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيش (سرسو) پاران سنڌ حڪومت ۽ ٻين ادارن جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان 3545 عورت ھنرمندن جي ڪم جي نمائش ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد ٻهراڙين جي ھنرمند عورتن ۽ ڪاريگرن کي مارڪيٽ ۾ رابطا فراهم ڪرڻ آهي. افتتاحي تقريب دوران صوبائي وزير سيد ناصر شاھ سرسو پاران غريب ۽ پوئتي پيل ٻھراڙين جي عوام خاص طور تي ڳوٺاڻين عورتن کي مالي طور پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي تہ مستقبل ۾ بھ سنڌ جي ٻھراڙين سان تعلق رکندڙ ھنرمند ڳوٺاڻين عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ ساڳئي جذبي سان ڪم جاري رکيو ويندو. تقريب کي خطاب ڪندي سيد ناصر حسين شاھ چيو تہ اسان سڀني کي پنھنجي پنھنجي علائقن ۾ عورتن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ تمام گهڻو عملي ڪم ڪرڻ آھي ۽ عام ماڻھن جي زندگيءَ ۾ بھتر تبديلي تڏھن ئي ايندي جڏھن اسان سڀ سندن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. ھن چيو تہ سنڌ جي ھنرمند عورت ڪاريگرن کي اي ڪامرس ذريعي سڄي دنيا سان رابطو ڪرائڻ جون ڪوشسون ڪيون پيون وڃن ۽ ھن قسم جا پروگرام هٿ جي هنر وسيلي پاڻڀري ٿيندڙ ھنرمند عورتن توڙي مردن لاءِ اھميت وارا آھن ان سان مختلف ثقافتن ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. صوبائي وزير اھو پڻ چيو تہ سرتيون سنگ نمائش مقامي هنرمندن کي پنھنجي تيار ٿيل شين کي مارڪيٽ ۾ روشناس ڪرائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. اها حڪومت جي ذميواري آهي تہ ھنرمندن جي ڪم کي مڃتا ڏئي تہ جيئن ھٿ جي ھنر وسيلي شيون تيار ڪرڻ جو مثبت سلسلو ھلندو رھي. صوبائي وزير نمائش کي ساراهيندي چيو تہ ھن قسم جي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ، ڳوٺاڻين هنرمند عورتن، دستڪاري ۽ سنڌ جي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ سرسو جي هڪ بهترين ڪوشش رھي آهي. ھن وڌيڪ چيو ته هنرمند پنهنجي سموري زندگي شاهڪار شيون تيار ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن، پر وڏن شھرن جهڙوڪ ڪراچيءَ ۾ سندن ڪم کي گھٽ ساراھيو ويندو آھي ان ھوندي بہ ھي سرگرميون سنڌ جي هٿ جي هنرن کي روشناس ڪرائڻ جو وڏو وسيلو آھن. سرسو جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) محمد ڏتل ڪلهوڙو افتتاحي تقريب دوران پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ نمائش جو مقصد سنڌ جي ٻهراڙين ۾ موجود ھنرمند عورتن کي بهتر آمدنيءَ جا موقعا فراھم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺندا رھون ٿا. ھن چيو تہ جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ-ڪشمور، شڪارپور، گهوٽڪي، قمبر-شهدادڪوٽ، بدين، ٺٽو، خيرپور ۽ سکر جھڙن علائقن ۾ سرسو 15000 کان وڌيڪ عورتن کي تربيت ڏني آهي تہ جيئن اھي عورتون پنھنجي پيرن تي پاڻ بيھي سگھن ۽ مالي طور تي خودمختياري ٿي سگھن. محمد ڏتل ڪلھوڙو اھو پڻ چيو تہ مارڪيٽ ۾ موجود شين کان سندن ڪم کي الڳ ڪرڻ لاءِ، اسان نت نوان رجحان متعارف ڪرايا آھن تہ جيئن مارڪيٽ ۾ کين وڌيڪ پذيرائي ملي ۽ ھنرمند عورتن جي ھٿ جي ھنر وسيلي تيار ٿيل شين جي طلب ۽ وڪرو وڌي سگھي. نمائش جي پهرين ڏينهن مقامي ۽ بين الاقوامي خريدارن سرتيون سنگ ڪرافٽس کي ساراھيو. افتتاحي تقريب ۾ ڪلفٽن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي رهواسين شرڪت ڪئي جن ۾ عورتون پڻ ڏي تعداد ۾ شامل ھيون. نمائش ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ رھڻيءَ ڪھڻيءَ ۾ شامل روايتي شيون شامل آھن. انھن ۾ گهرن ۾ سِبيل وڳا، ٽوڪريون، زيور، ڪپڙا، رَوا، ۽ شالون شامل آهن، جن تي روايتي ڀرت ۽ ڪَٽ جو ڪم ٿيل آھي. سرسو پاران ڪراچي ۾ سال ۾ ٻه دفعا سرتيون سنگ نمائش منعقد ڪرڻ جو بنيادي مقصد مقامي دستڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪراچيءَ ۾ موجود ڪاروباري حلقن سان ٻھراڙين جي ھنرمندن جا مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ پڻ آھي. ان موقعي تي ايم پي اي ساديہ جاويد، ميڊم شيرين ناريجو، ڊاڪٽر غلام مصطفي سھاڳ ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.
0 تبصرے