سجاول شهر ۾ پاڻي اڻلڀ، تلاءَ سُڪي ويا، شهري پريشان

پاڻي کوٽ سبب شهري پئسن عيوض پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور

سجاول شهر ۾ پاڻي اڻلڀ، تلاءَ سُڪي ويا، شهري پريشان

سجاول (رپورٽر) سجاول شهر ۾ پاڻي جي کوٽ تلاءَ سڪي ويا، شهري پئيسن عيوض پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور، سجاول شهر ۾ پاڻي جي کوٽ شدد اختيار ڪري وئي، واٽرسپلاءِ جي تلائن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب سجاول شهر جي سول اسپتال پاڙو، حق آباد ڪالوني، مصري شاه بخاري، ميمڻ پاڙو، ڪهرائي محلو، کٽي محلو، بخاري پاڙي سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ هئڻ سبب شهري پاڻي جي ڦڙي لاءِ پريشان آھن. پاڻي کوٽ سبب نمازي به پريشان آهن ان ڏس ۾ سجاول جي شهرين منظورميمڻ، وجاهد شاه، شبيرسمون، سيف الله جوڻيجو ۽ چوڻ آهي ته سجاول شهر جي واٽر سپلاءَ جا تلائن ۾ پاڻي کوٽ ٿيڻ سبب گذريل هفتي کان شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند آهي جنهن سبب گهرن، مسجدن ۽ اسپتالن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي نمازي نماز پڙهڻ لاءِ گهران وضو ڪري مسجدن ۾ وڃن ٿا. پاڻي جي کوٽ سبب پئيسن عيوض پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهيون. جڏھن ته گڏه گاڏين وارا هڪ پاڻي جي ٽانڪي 300 سئوروپين ۾ لاهي ڏين ٿا. هنن ضلع انتظاميه کي مطالبو ڪندي چيو ته جلد سجاول واسين کي پاڻي مهيا ڪري ڏنو وڃي