ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)بشير الله سمون جي سالگرهه تقريب جو شاندار انعقاد، سياسي ،سماجي شخصيتن جي ڀرپور شرڪت. تفصيل موجب ٺٽي جي متحرڪ شخصيت، سياسي ، سماجي اڳواڻ ۽ سابقہ سينيئر نائب صدر قومي عوامي تحريڪ ضلعو ٺٽو بشير الله سمون جي سالگرهه جي تقريب عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ شاندار انداز ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ شهر جي معزز شخصيتن،سميت سياسي سماجي اڳواڻن۽ سندس دوستن، عزيزن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.سالگرهه تقريب دوران بشير الله سمون کي گلن جا هار پارايا ويا ۽ سنڌ جي سوکڙي اجرڪون اوڍايون ويون. تقريب جو مک مھمان پريس ڪلب جو صدر بلاول سمون ھو، جڏهن ته جنرل سيڪريٽري محمد عمر سرائي، نائب صدر ممتاز علي سمون، مير خالد ڪيهر، مختيار چانڊيو، مظھر علي، سائين علي نواز سيال، حفيظ چنڊ، حفيظ نھڙيو، ۽ رٽائرڊ سيڪشن آفيسر محمد بخش جوکيو ۽ ايس ٽي پي جي تعلقي صدر صاحبڏنو سمون پڻ تقريب جا خاص مهمان هئا.شرڪت ڪندڙن بشير الله سمون جي انساني خدمت ۽ عوام سان سندن محبت کي ساراهيو ۽چيو ته هو هميشه ڏک سک ۾ ماڻهن سان گڏ رهيا آهن. سندن عوامي خدمتن کي اجاگر ڪندي شرڪت ڪندڙن چيو ته بشير الله سمون هڪ ايماندار، مخلص، ۽ همدرد شخصيت آهن، جيڪي هر وقت ٻين جي مدد لاءِ اڳڀرا هوندا آهن. صدر بلاول سمون چيو ته بشير الله سمون نه رڳو ٺٽي پر پوري علائقي جي عوام لاءِ هڪ مثال آهن. سندن سماجي ڪردار اسان سڀني لاءِ مشعل راهه آهي.آخر ۾ بشير الله سمون سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽي پنهنجي خوشي سڀني سان ونڊ ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو.
0 تبصرے