سماج سڌارڪ، رائيٽر ۽ سينئير ڪالم نگار عبدالفتاح عباسي جي شخصيت تي هڪ نظر

وحيد احمد ابڙو

سماج سڌارڪ، رائيٽر ۽ سينئير ڪالم نگار عبدالفتاح عباسي جي شخصيت تي هڪ نظر

سنڌ جي خوشبودار چيڪي مٽي مان جنم وٺندڙ مانجهي مڙس ماڻهو هر دور ۾ پيدا ٿيندا رهيا آهن، سنڌ جي اها ڀاڳن ۽ نصيب واري ڌرتي آهي. جنهن ڌرتيءَ وقتن بوقتن هڪ کان هڪ معتبر نالا پيدا ڪيا آهن. سنڌ جي ضلع لاڙڪاڻو ۾ هونئن ته ڪيترائي شاعر، اديب، ليکڪ، دانشور، محقق، تاريخدان، فنون لطيفه سان وابسته شخصیتون پيدا ٿينديون رهيون آهن. اهڙن انمول ۽ ناياب قسم جي مارو ماڻهن ۾ پنهنجي ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر گجڻ پور سٽي ۾ هڪ بهترين استاد سائين عبدالغفار عباسي جي گهر ۾ عبدالفتاح جو جنم ڏهين سيپٽمبر اڻويهه سئو ٻاهتر ۾ ٿيو. هيءُ مذهبي ۽ علم سان چاهت شوق و ذوق رکندڙ خاندان جو فرد آهي. سندن جو تڙ ڏاڏو حافظ استاد قاضي محمد عثمان عباسي رح ، پڙ ڏاڏو استاد سائين قاضي عطا محمد عباسي رح ۽ ڏاڏو سائين استاد قاضي عبدالرزاق عباسي رح اهڙيون شاندار ۽ بي مثال مذهبي علمي شخصيتون ٿي گذريون آهن جو اڄ به لاڙڪاڻي لڳ سندن جي اباڻي ڳوٺ ڪوٽ قبولو، ڪوٽ مرزا ڪالو، سيهڙ، باڊهه، مسو ديرو ۽ ٻين علائقن جا هزارين نوجوان، پڪا پوڙها مرد توڙي عورتون امڙيون ڀينرون ۽ ٻيا سندن جي علمي ادبي ۽ ديني مذهبي خدمتن جا لازوال مثال ٻڌائين ٿا، هن خاندان جي وڏڙن کي قاضي عباسي خاندان علمي ادبي حقيقي تربيت ڪري انسانيت جو درس سبق ڏنو. اهڙي انتهائي برجسته علم سان لاڳاپيل خاندان جي سماجي، ادبي، ديني مذهبي گهراڻي سان وابسته لاڙڪاڻي شهر جي هر دلعزيز خدائي خدمتگار شخصيت عبدالفتاح عباسي کي هميشه پنهنجي سنڌ پنهنجي لاڙڪاڻي شهر جي سماجي ڪمن ۾ مصروف عمل ڏٺو ويو آهي. هن جو ڪنهن سياسي پارٽي، تنظيم سان ڪو به واسطو نه رهيو آهي پر هو هميشه خير و ڀلائيء جي ڪمن ڪارن توڙي انسانيت جي جذبي ۽ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪهڙي به طرح جڳ مشهور خالص ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي مدني ماحول واري نعري " مون کي پنهنجي ۽ ٻين جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي" واري سلوگن تحت پنهنجي پير و مرشد امير اهلسنت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادريءَ دامت برڪاتهم العاليه جي بين الاقوامي شخصيت کان خالص ديني جذبو رکڻ جي ڪري تمام گهڻو متاثر ٿيندي. خوف خدا عزوجل ۽ عشق مصطفي صلي الله عليه وسلم جي روشنيءَ کي دل ۾ هنڊائي وڌ کان وڌ ٻين انسانيت جي فلاح بھبود لاءِ ڪوشان رهيو آهي. هو حسني حسيني شهزادي پيرن جي پير لڄپال مرشد دستگير حضرت سيدنا غوث اعظم عبدالقادر جيلاني محبوب سبحاني رحمت الله عليه جي مريدن ۾ شامل آهي ۽ پنهنجي پير و مرشد غوث اعظم دستگير پاڪ جي يارهين شريف سان دل و جان سان عقيدت رکي ٿو، پنهنجي لاڙڪاڻي جي بهترين سوچ جي مظهر سٺي ۽ مثبت سماجي ديني مذهبي ۽ خاص ڪري ڪرنٽ ايشوز تي ڪمال جون تحريرون لکندڙ ليکڪ سينئير ڪالم نگار عبدالفتاح عباسي گذريل هڪ وڏي عرصي کان سنڌ جي دردن اهنجن سنڌ جي محرومين تي قلم کڻندو رهيو آهي. هو هڪ بي باڪ، ارڏو، جرئتمند ليکڪ ڪالم نگار سان گڏ پنهنجي علائقي ۾ بي ڊپو ۽ نيڪ نيتي سان مخلصانہ سماجي ورڪر طور سڃاڻپ رکندڙ نوجوان آهي. هو پنهنجي حلقه احباب ۾ نه صرف هڪ بهادر انسان دوست مشهور ڪالم نگار ليکڪ طور سٺين لکڻين تحريرن طور مشهور آهي. هو معاشري جي بهترين ڪردارن، سنڌ ڌرتيءَ جي نمايان ڪردار ادا ڪندڙ بهترين نمونن کي هاء لائيٽ ڪرڻ، سنڌ جي سورن، ڏکن، تڪليفن، دردن اهنجن، بک، بيروزگاري ، مفلسي، تنگدستي، غربت ۽ ٻين ماروئڙن جي آواز کي پنهنجي قلم ذريعي ايوانن تائين پهچائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. سندس جون هميشه محبتون سنڌ جي اعلي ڪردارن لاءِ رهيون آهن، هو سنڌ جي درد سنڌ جي لازوال محبتن جو امين بڻجندو رهيو آهي. انهيءَ جي اڪثر تحريرين ۾ هميشه مظلوم ماروئڙن سانگيئڙن جو ذڪر رهيو آهي. هو پنهنجي پوري زندگي ۾ هميشه پنهنجي ذاتي مفادن پنهنجي ذاتي خواهشن بجاءِ سماجي براين جي خاتمي لاءِ قلم کڻندي پنهنجي ملڪ پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ آل پاڪستان رائيٽرس فورم ۾ آء آء يو آء انٽر نيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد جي اسپيشل چونڊ تحت ٻه دفعا چونڊيو ويو آهي. جتي ڪيترن ئي ملڪي سطح جي بهترين اديبن، ليکڪن، شاعرن، دانشورن، قلم ڪارن جي شرڪت رهي. هو سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ پڻ بهترين رائيٽر جي حوالي سان ڪيترين ورڪشاپس ۽ سيمينارن ۾ اسپيشل دعوت مدعو ڪرڻ تي پنهنجي سنڌ جي مڙني مسئلن تي قلم آزمائي ڪري چڪو آهي. بلاشڪ نوجوان ليکڪ رائيٽر ۽ سينئير ڪالم نگار عبدالفتاح عباسي پنهنجي مادري زبان سنڌي توڙي ٻين زبانن ۾ قلم کنيو آهي ۽ سماج جي پسيل طبقي مسڪين ماڻهن جي لاءِ قلم کڻي هڪ نئين تاريخ جوڙي آهي. سندس جا سفر ناما نه صرف سنڌ، خيبر پختونخوا، بلوچستان ،پنجاب پاڪستان لاء تحريرون موجود آهن بلڪ انهيءَ ٻين ملڪن خاص ڪري مڪي شريف ، مدينه منوره ، ڪربلا مولي، نجف اشرف، بغداد پاڪ ، ايران، عراق، سعودي عرب، دبئي، شارجا وغيره تي سفر ناما لکيل آهن. هو ڪمال درجي جو رائيٽر انهيءَ حوالي جي ڪري به مشهور آهي ته سندس جي تحريرن ۾ صوفي شاهه عنايت شهيد کان مخدوم بلاول ۽ اعلي حضرت امام احمد رضا کان ويندي سنڌ جي مخدوم محمد اسماعيل پريان لوئي، مخدوم عبدالرحمان هاشمي شھيد، حضرت محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين نقشبندي فضلي رح ، حضرت سائين حافظ علامہ محمد قاسم مشوري رح، حضرت سائين سيد غلام حسين شاهه بخاري غفاري نقشبندي رح جي بي مثال ڪردارن کان وٺي هر مظلوم جي زبان ۽ آواز ايوانن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هو سنڌ جي ڪرنٽ ايشوز تي قلم کڻي پنهنجو فرض نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. سندس جون ڪيل خدمتون انهيءَ حوالي سان به نمايان آهن ته هو سڀني جو همدرد، هڏ ڏوکي ، سماجي ڀلائي واري ڪمن ۾ اڳ کان اڳرو رهيو آهي ۽ پنهنجي وڏڙن بزرگان دین جي ڏسيل واٽ راهه تي گامزن رهيو آهي. سندس کي پنهنجي سنگت دوست ڀائر مٽ مائٽ دل سان چاهين ٿا ۽ پيار و محبت ڪن ٿا، انهيءَ لاءِ چيو ويندو آهي ته هن مختصر زندگيءَ ۾ سردي گرمي جي لاهين چاڙهين ۽ زندگيءَ جي اٿل پٿل ۾ انسان بظاهر هڪ عام آهي پر ان لاءِ محنت جستجو، ڪوششون ۽ ڪاوشون ئي هڪ حقيقت پسند ڪاميابيان ڏانهن آڻي سگهن ٿيون، جيئن ڏاھن جو قول آهي ته سٺا دوست زندگيءَ جو وڏو سرمايو ۽ اثاثو هوندا آهن. زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن سٺي دوست کي آزمائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، وقت ۽ حالات خود فيصلا ڪن هوندا آهن، بهترين ڀائرن جهڙن دوستن جو قدر ڪيو وڃي ۽ ڪڏهن به ڪنهن کي غلطي ۾ به بيوقوف نه سمجهو وڃي، ڇاڪاڻ ته سوين هزارين کوڙ سارن دوستن کان مختصر ۽ چند ڀلا مخلص دوست توهان جي ڏک سک جا ساٿي وڏي ڪنهن سرمائي کان گهٽ ڪين هوندا آهن. اهڙي طرح ئي بهترين مخلص دوستن ۾ محترم عبدالفتاح عباسي به اسان جو دلبر دوست ساٿي آهي. سندس جي سنگت معتبر دوست آهن جيڪي جتي ملندا آهن ته انتهائي پر وقار انداز ۾ آجيان جيان هڪ ٻئي کي پاٻوهه واري انداز ۾ نه صرف رسمي طور کيڪارڻ پر پنهنجي سنڌ جي تهذيب، ثقافت، رسم رواج مطابق حال سارو آڌر ڀاءُ ڪندي سنڌي قوم جون روايتون برقرار رکيون وڃن ٿيون. سندس جي تحريرن ۾ وڏو دم خم هجڻ ڪري نه صرف گرينڊ ڊيموڪريٽ الائنس پير سائين پاڳاري جا حر مجاهد مريد عقيدت مند پر اقتدار پرست پارٽين جا مرڪزي اڳواڻ ، مقامي لوڪل قيادت ۽ اپوزيشن ۾ ويٺل سياسي پارٽين جا به سالن کان سينئير رائيٽر ۽ ڪالم نگار عبدالفتاح عباسي جي جمهوري حڪومتن لاءِ ڪيل خدمتن جي بي مثال تحريرن کي خوب ساراهيو ويو آهي، هن جي تحريرين ۾ خاص فوڪس مظلوم محڪوم ،ڏتڙيل ،غريب مسڪين مارو ماڻهن جي جذبات جي عڪاسي شامل رهي ٿي، هو اڪثر ڪري روحاني هستين بزرگان دين جي سوانح حيات، اولياء ﷲ ،ڪامل ولي الله، صوفياء ڪرام ، درويشن ،الله لوڪ مايه ناز فيوض و برڪات جي مرڪزن ماڳن خانقاهن جي نمايان انسانيت جي خدمت وارن پهلوئن کي قلم ذريعي عام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهيو آهي، هو اولياء ﷲ جي فيضان ۾ مستغرق فنا ٿيل هستين جي اصل رب ڪريم جي رضا و خوشنودي واري زندگيءَ کي عام خلق خدا تائين پهچائڻ لاءِ سٺيون من موهيندڙ تحريرين ذريعي سوين هزارين لکين ماڻهن جي جذبات جي صحيح طرح ترجماني ڪندو آهي. هن جو ذوق شوق محبت الاهي ۽ عشق مصطفي ڪريم صلي الله عليه وسلم ۾ شامل آهي، هو خود دار قسم جو ارڏو مڙس ماڻهو بي خوف دليرانه انداز ۾ پنهنجي قلم کي انسانيت جي خدمت ۾ هلائيندو رهيو آهي، هن جون تحريرون گهڻو ڪري مظلوم پسيل طبقي جنهن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي ۽ انهن طرف ڪو توجهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهي انهن گمنام ماڻهن، گمنام قديم ماڳ مڪانن ، جابرن غاضبن جي عتاب هيٺ آيل مارو ماڻهن لاءِ هن جون تحريرون پڙهڻ سان هڪ اطمينان آٿت ملندي آهي ته ڪو ته پنهنجي مارو ماڻهن جي واهر ڪرڻ وارو جنهن جي سار لڌي وڃي ٿي، هو اهڙن گمنام ڪردارن کي پنهنجي قلم ذريعي روشناس ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو رهي ٿو ۽ سندس کي انهيءَ معاملي ۾ سنڌي اردو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ وڏي پذيرائي پڻ حاصل ٿي آهي، هن جي قلم ۾ انھي ڪري به وڏو وزن رهيو آهي جو هو بي غرض ٿي ڪري خالص للهيت واسطي خدا ڪارڻ لکندو رهيو آهي ۽ ڪنهن ۾ به طمع لوء لالچ نه رکي ڪري هميشه قلم سان سچائي ڪئي آهي، سندس جون جاندار تحريرون پڙهڻ واري ۽ نون رائيٽرن لاءِ هڪ گائيڊ لائين آهي، واقعي محترم عبدالفتاح عباسي هن معاشري ۾ هڪ اهڙي مشعل راہ جهڙو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جنهن تي فخر ٿيڻ گهرجي. دعا آهي ته الله پاڪ سندس کي ڪامل صحت تندرستي وڏي حياتي عطا فرمائي آمين.