English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي ڪونڪر ندي ۾ هڪ ئي گهر جي 4 ڀاتين سميت 8 ڄڻا ٻڏي ويا، 2 لاش هٿ، 6 جي ڳولا جاري
views
|
10th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ندي ۾ ٻڏي ويلن ۾ گلاب ڀيل، سندس گهر واري، ڪيلاش ڀيل، نارو ڀيل، اقبال لاسي، فرحان ترين، جاويد ۽ افضل جوکيو شامل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ برساتن سبب ندين جي وهي اچڻ سان ۽ اٿلڻ انساني جانين سميت تمام وڏو نقصان ٿيو آهي برسات جي مسلسل وساري سبب ڪونڪر ندي ۾ انتهائي ڏکوئيدڙ حادثو پيش آيو جتي هڪ ئي گهر جا 4 ڀاتي، زال، مڙس، پٽ ۽ پوٽي سميت ڪل 8 ڄڻا ٻڏي ويا. حادثي سبب علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي ۽ ڳوٺاڻن ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي ٻڏڻدڙن ۾ گلاب ڀيل، سندس گهر واري، ڪيلاش ڀيل، نارو ڀيل، اقبال لاسي، فرحان ترين، جاويد ۽ افضل جوکيو شامل آهن. مقامي ماڻهن جي مدد سان تاحال جاويد ۽ گلاب ڀيل جي گهر واري جا لاش هٿ آيا آهن، جڏهن ته باقي 6 ڄڻن جي ڳولا اڃا تائين جاري آهي اتي موجود ماڻهن موجب حادثي وقت انتظاميا نه ڪو بروقت اطلاع ڏنو ۽ نه ئي ڪو فوري ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو جنهن سبب قيمتي انساني زندگيون ضايع ٿي ويون. ڳوٺاڻن ۽ متاثر خاندانن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وقت سر ريسڪيو ٽيم پهچي وڃي ها ته ڪيترن ئي جاني نقصانن کان بچي سگهجي پيو.وارثن دانهون ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ۽ انتظاميا جي غفلت سبب هنن پنهنجا پيارا وڃايا آهن. هنن مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي باقي لاشن جي ڳولا لاءِ وڏو آپريشن شروع ڪيو وڃي، متاثر خاندانن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.هن حادثي سان سڄي علائقي ۾ سوڳ ۽ ڏک جو ماحول ڇانيل آهي، جڏهن ته مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته برساتن دوران حفاظتي اپاءُ نه وٺڻ ۽ بروقت اطلاع نه ڏيڻ ئي انساني الميي جو اصل سبب بڻيا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير جي ڪونڪر ندي
ٻڏي ويا
0 تبصرے