English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ايڪسپريس وي جو وڏو حصو برساتي وهڪري ۾ لڙهي ويو، منصوبي ۾ وڏي غفلت جو انڪشاف
views
|
10th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
منصوبو 24 ارب رپين جي بجيٽ کان شروع ٿيو، جيڪو وڌي 44 ارب تائين پهتو، پر ان باوجود روڊ برساتن جو دٻاءُ نه سهي سگهيو: ذريعا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ـ مسلسل برساتن سبب ملير ايڪسپريس وي (شاهراهه ڀٽو) جو وڏو حصو لڙهي ويو آهي۔ ڄام ڳوٺ ۽ ميمڻ ڳوٺ جي وچ ۾ ڊيم ٽٽڻ بعد پاڻي جي تيز وهڪري سبب روڊ جو حصو لڙهي ويو۔ ماسٽر پلان مطابق انهيءَ هنڌ پل ٺاهڻ جي گنجائش هئي، پر ان جي بدران مٽي وجهي ڀرائي ڪئي وئي، جيڪا برساتن کان پوءِ لڙهي ويئي ۽ روڊ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ذريعن موجب منصوبو شروعاتي طور 24 ارب روپين جي بجيٽ سان شروع ٿيو هو، جيڪو وڌي 44 ارب تائين پهتو، پر ان جي باوجود روڊ برساتن جو دٻاءُ نه سهي سگهيو ۽ دراڙون پئجي ويون، جنهن سبب انتظاميا پريشاني ۾ مبتلا ٿي وئي آهي ملير ايڪسپريس وي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ڪيو ويو آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن واري ڪيريح وي جي ويڪر 36،36 فوٽ ۽ ڊيگهه 40 کان 50 فوٽ آهي۔ بهرحال، شهرين هن اهم شاهراهه جي ٽٽڻ ۽ خطرناڪ ڏار پوڻ تي افسوس ۽ حيرت جو اظهار ڪيو آهي انتظاميا جي هڪ آفيسر، نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي، ٻڌايو ته ندي جي رخ واري پاسي لڳايل حفاظتي پٿر به وهجي ويا آهن، جڏهن ته ڀرائي ڪيل مٽي مڪمل طور لڙهي ويئي آهي، جنهن جو سنجيدگي سان جائزو ورتو پيو وڃي علائقي واسين احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ملير ايڪسپريس وي جي فوري طور تي مضبوط ۽ پائيدار مرمت ڪئي وڃي ته جيئن وڏن حادثن کان بچي سگهجي ۽ اربين روپين جي هن منصوبي کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
وڏي غفلت جو انڪشاف
ملير ايڪسپريس وي
شاهراهه ڀٽو
shahrah bhutto
0 تبصرے