English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
بلاول ڀٽو زرداري جو نون ڊيمن بابت بيان ملڪي عوام کي گمراھ ڪرڻ کانسواءِ ڪجھ به ناھي: اياز لطيف پليجو
views
|
10th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڪروڙين ماڻھو سنڌ دشمن ڪالاباغ ڊيم سميت نون ڊيمن کي رد ڪري چڪا آھن
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ بلاول ڀٽو زرداري جو نون ڊيمن ٺاهڻ بابت بيان ملڪ جي عوام کي گمراھ ڪرڻ کانسواءِ ڪجھ بہ ناھي.نون ڊيمن جي ڳالھ سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواھ اسيمبلين جي توھين برابر آھي. ڪروڙين ماڻھو سنڌ دشمن ڪالاباغ ڊيم سميت نون ڊيمن کي رد ڪري چڪا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ درياھ، زمينون ۽ ٻيا وسيلا وڪڻي رھي آھي. ارسا ۽ واپڊا سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏيڻ بدران سدائين سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻڻ ۾ سھولتڪاري ڪئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ، ملير ندي، لياري ندي، سم نالن ۽ پاڻي جي قدرتي گذر گاھن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن. سنڌو درياھ ۽ ان جي مددي ندين تي ڪو بہ ڊيم يا ڪئنال قبول ناھي. برسات سبب فصلن کي پيل نقصان جو آبادگارن کي معاوضو ڏنو وڃي. سنڌو درياھ کي بنجر ۽ ڀڙڀانگ بنائڻ جا منصوبا جوڙڻ بدران ٻارنھن مھينا پاڻي کي ھلڻ ڏنو وڃي تہ ڪو بہ نقصان نہ ٿيندو. سنڌو درياھ ۾ ٻوڏ ناھي، سالن کانپوء ڪوٽڙي کان ھيٺ سمنڊ تائين پاڻي ويو آھي. سنڌو درياھ ۾ چاڙھ سان سنڌ کي فائدو ٿيو آھي. حڪمرانن جي نااهلي سبب ماڻھو تڪليف ۾ آھن. ڪرپشن ۽ لٽمار لاءِ ٻوڏ جا جواز پيدا ڪيا پيا وڃن. پاڻي نيڪال جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: شاھ لطيف ٿاڻي جي حد ۾ سڪڻ ندي مان ريتي بجري جي چوري جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
بلاول ڀٽو زرداري
0 تبصرے