فخرِ پاڪستان ارفع ڪريم رنڌاوا

تحرير: سيد غلام مصطفي شاھ

فخرِ پاڪستان ارفع ڪريم رنڌاوا

خدا پاڪ کيس ذهني طور اعلي خوبين سان نوازي ڇڏيو هو ننڍڙي عمر ۾ ئي هن دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيندڙ ڪارناما پڻ ڪري ڏيکاريا جنهنڪري تاريخ کيس فخر پاڪستان طور صدين تائين ياد رکندي. ارفع ڪريم رندهاوا جو جنم 2 فيبروري 1995ع تي فيصل آباد جي هڪ ڳوٺ رام دوالئَ ۾ ٿيو. ننڍپڻ ۾ ئي ارفع ارفع ڳالهائڻ شروع ڪيو سندس ڏاڏي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته ارفع ڏيڍ سال جي عمر ۾ ئي ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي ٻاتائپ واري آواز ۾ نعت پڙهڻ جي ڪوشش ڪندي هئي.

سندس ڏاڏي مطابق تہ ارفع ڪريم ٽن سالن جي عمر ۾ ڪلما ۽ آيت الڪرسي ياد ڪري ورتي هئي. 4 سالن جي عمر ۾ هن ڪمپيوٽر هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گهر ۾ پيل ڪمپيوٽر سان کيڏندي رهندي هئي کيس ڪمپيوٽر سان لڳاءُ هئڻ ڪري ان ۾ ڪافي مهارت بہ حاصل ڪيائين. ارفع صرف 2004ع ۾ صرف نوَ سالن جي عمر ۾ مائڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ پروفيشنل (ايم سي پي) بڻجي وئي. 2005ع ۾مائڪرو سافٽ ڪمپنيءَ جي مالڪ بل گيٽس، ارفع ڪريم سان ڏھ منٽ ملاقات ڪئي ۽ کيس مائڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ ايپليڪيشن جي ڊگري ڏني.

2006ع ۾ بارسلونا ۾ ٽيڪنيڪي ڊولپرز ڪانفرنس ۾ دنيا جي پنج هزار ماڻهن ڏانهن دعوت ناما موڪليا ويا جن ۾ ارفع ڪريم جو نالو پڻ شامل هو ياد رهي ته ان ڪانفرنس ۾ پاڪستان مان صرف ارفع ڪريم کي گهرايو ويو هو. انهيءَ کان علاوه ارفع صرف ڏهن سالن جي عمر ۾ دبئي ۾ هڪ طيارو اڏايو هو کيس ننڍي عمر واري پائلٽ هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو ۽ سندس نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو. حڪومت پاڪستان طرفان کيس تمغعہ حسن ڪارڪرگي ۽ صدارتي ايوارڊ عطا ڪيو ويو.

پاڪستان ۾ کيس فاطمہ جناح طلائي تمغو، سلام پاڪستان يوٿ ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو.لاهور ۾ هڪ سائنس پارڪ جنهن جو نالو ارفع سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ رکيو ويو جيڪو ارفع جي نالي سان منسوب ڪيو ويو.

ارفع ڪريم کي 22 ڊسمبر 2011ع تي گهر ۾ ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندي اچانڪ مرگهيءَ جو دورو پيو ۽ ڪرسيءَ تان ڪري پئي، کيس لاهور جي سي ايم ايڇ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هو ڪوما ۾ هلي وئي ۽ 14 جنوري 2012ع تي زندگيءَ جي جنگ هارائي وئي.