افغان بستي ڊاهڻ لاءِ آپريشن، 300 گهر ڊاهي پٽ، ڇڪتاڻ، 5 ڄڻا گرفتار

افغان بستي ڊاهڻ لاءِ آپريشن، 300 گهر ڊاهي پٽ، ڇڪتاڻ، 5 ڄڻا  گرفتار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي ۾ 40 سالن کان قائم سڀ کان وڏي افغان بستي کي مسمار ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميا، پوليس، رينجرز ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي (MDA) جي مدد سان وڏي پيماني تي آپريشن ڪيو ويو انتظاميا ڳري مشينري جي مدد سان بستي اندر خالي ۽ خستہ حال گهر، جھونپڙيون ۽ ڀتيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون۔ آپريشن دوران علائقي کي مڪمل سڪيورٽي لاءِ سيل ڪيو ويو، جڏهن ته رينجرز، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر به موجود هئا آپريشن خلاف ڪيترن ئي گهرن مان مقامي رهواسي ٻاهر نڪري آيا ۽ اهلڪارن تي پتراو ڪيو، جنهن سبب ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي۔ پوليس جواب ۾ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪري صورتحال تي ضابطو آندو ۽ پنج ماڻهن کي گرفتار ڪيو انتظاميا موجب بستي ۾ مجموعي طور 31 سئو هئا، جن ۾ لڳ ڀڳ 16 هزار افغان رهائش پذير هئا۔ آپريشن جي شروعاتي مرحلي ۾ 300 گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪارروائي مڪمل گهر ڊاهي زمين حڪومت حوالي ڪرڻ تائين جاري رهندي ذريعن مطابق ڊي آءِ جي ويسٽ پاران خالي پلاٽن تي قبضن ۽ غيرقانوني تعميرن بابت خط لکڻ کان پوءِ اها ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيترائي افغان خاندان اڳ ئي پنهنجا گهر خالي ڪري افغانستان واپس هليا ويا آهن، جڏهن ته ڪجهه خاندان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي لڏ⁠پلاڻ ڪري ويا هئا انتظاميا واضح ڪيو آهي ته آپريشن جاري رهندو ۽ بستي جا سمورا خالي گهر، ڪچي آبادي جا ڍانچا ۽ غيرقانوني تعميرون مڪمل طور ختم ڪيون وينديون ته جيئن زمين کي قبضه مافيا کان محفوظ بڻائي سگهجي۔