سنڌ جو ناميارو صحافي شبير بيدار ڀٽو

ليکڪ: مجيد نواز مغل

سنڌ جو ناميارو صحافي شبير بيدار ڀٽو

اڄ جي دور ۾ به صحافت نھايت ڏکيو ۽ بردباري وارو پيشو سمجھيو وڃي ٿو ـ ھن پيشي ۾ پير پائندڙ شخص وٽ 2 رستا ٿين ٿا ھڪ دنيا داريء جو خيال ڪندي ۽ پنھنجي ذاتي مفادن خاطر لکجي ۽ ٻيو رستو حق سچ ۽ عوام جي ڀلي لاء لکڻ وارو آھي ـ شبير بيدار ڀٽو انھيء ٻئي رستو جو راھي ھو ـ ھن سنڌي عوام جي انيڪ مسئلن ۽ سنڌ تي ٿيندڙ جبر ظلم ۽ ناانصافي خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ـ
شبير بيدار ڀٽو 14 جون 1959ع تي ڪوٽلو مرزا لڳ اينگرو ڪيميڪل فيڪٽري دوست محمد ڀٽو جي گھر ۾ جنم ورتو ـ سندس ڪٽنب لوئر مڊل ڪلاس سان واسطو رکندڙ ھو ـ ھن شروعاتي تعليم ڏھرڪي ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ شبير پنھنجي شاگرديء واري دور ۾ تمام ھوشار شاگرد ليکيو ويندو ھو ـ ھو تعليم مڪمل ڪرڻ دوران ئي روزگار جي دڳ سان لڳي ويو ڇاڪاڻ ته سندس ڪٽنب غربت سبب کيس وڌيڪ تعليم نه پيو ڏياري سگھي ـ ھن سکر ۾ ھڪ سرڪاري ڊسپينسري ، سرڪاري شماريات کاتي ء گھوٽڪيء ۾ بئنڪ جي نوڪري پڻ ڪئي ـ
ھن سياست جي شروعات ايس اين ايس ايف جي پليٽ فارم تان ڪئي ۽ بعد ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي سنڌي ادبي سنگت ۽ ساٿي ٻارڙا سنگت جي پليٽ فارمن تي سرگرم ڪردار ادا ڪيو ـ انھيء دور ۾ جيڪو آمر ضياء جو دور ھو. ھو سنڌي ء اردو ٻولين جو بيباڪ شاعر ۽ اديب ٿي اڀريو ـ ھن ڪراچي ۾ رھي ان وقت جي مشھور اردو اخبار روزاني امن ۾ پڻ عارضي طور تي ڪم ڪيو ـ سندس دلچسپي صحافت ۾ پيدا ٿيڻ ڪري نوڪري ڇڏي صحافت جي مقدس پيشي ۾ آيو ـ جنھن ۾ ھن پنھنجين صلاحيتن جي آڌار تي ڪافي مشھوري ماڻي ـ سندس ڪھاڻين جو ھڪ ڪتاب قافلو 1984ع ۾ پڌرو ٿيو ـ ھن ڪافي پابند شاعري، آزاد نظم ،غزل ،ٽيڙو ۽ ھائيڪا پڻ لکيا ـ ھو سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جو سيڪريثي پڻ رھيو ۔ ھن پنھنجي صحافتي پيشي سان وابستگي ۽ سياست ڪري شماريات کاتي واري نوڪري ڇڏي ڏني ۽ آخر ۾ ھن ڪل وقتي صحافت جو پيشو اختيار ڪيو ـ جتي پڻ ھن نوان لاڙا متعارف ڪرايا ـ ھن ڪنھن دور ۾ بي بي سي لنڊن جي نيوز سروس تان پڻ ايم آر ڊي تحريڪ جون سکر ۽ سنڌ بابت خبرون پڻ ڏنيون ـ ھن ھڪ انگريزي اخبار فرٽئير پوسٽ ۾ پڻ رپورٽنگ ڪئي ـ ھن کي ڪنھن به معمولي پريس ريليز مان جاندار خبر بنائڻ جو ڏانء حاصل ھيو ـ جنھن جو ملڪو کيس مرڻ گھڙي تائين حاصل رھيو ـ
سنڌ جي مختلف اشوز خاص ڪري زرعي سڌرا ، ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ڌارين جي آباد ڪاري ۽ ٻيا انيڪ مسئلا سندس صحافتي توجھ ھيٺ رھيا ـ انھيء دور ۾ سنڌ جي ان وقت جي وڏي وزير ڄام صادق کان بھارين جي سنڌ ۾ آباد ڪاريءبابت پڇيل سوال تي وڏو وزير ان تي ڏمرجي پيو (ان واقعي جو مان عيني گواھ آھيان ) اھڙي ريت کيس سکر مان ھڪ ھندوء جي اغوا جي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي شبير ڀٽو کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ تي بند ڪري رکيو ويو ـ جتي ان مٿان سخت ترين تشدد پڻ ڪيو ويو ۽ ڪافي وقت بعد ڪچي جي ھڪ دوري وقت ڪراچي جي ان وقت جي ڪور ڪمانڊر لھرسياب خان منھـنجي سامھون کائنس معذرت ڪندي انھيء گرفتاريء تي معافي پڻ ورتي ھئي ـ
شبير بيدار ڀٽو جنھن جو سياسي نالو سڄڻ ڀٽو ھو ـ سنڌي صحافت ۾ ھفتيوار ۽ ماھوار ڊائريون لکڻ جو جيڪو رواج ماضيء ۾ ناليواري صحافي ھدايت منگي وڌو ـ شبير پڻ انھيء تسلسل کي پنھنجي انداز سان جاري رکيو ـ جنھن جو سندس وفات بعد سکر واري پل تان شبير بيدار ڀٽو لکي ٿو نالي سان ھڪ دستاويزي ۽ تاريخي ڪتاب سندس وفات بعد دوستن ممتاز بخاري مالڪ کوسي فيض سومري بشير سميجي ۽ ٻين شايع ڪرايو ـ انھيء ڪتاب جي مھورتي تقريب سکر جي قديمي مير معصوم شاھ لائيبريريء ۾ جاڳرتا فورم سکر پاران منعقد ڪرائي ـ
شبير ڀٽو سان مان پنھـنجي صحافتي ادبي ۽ سماجي زندگيء جا 17 سال گڏ گھاريل آھن ـ مان ھنجي ڪافي چڳائين ۽ خامين کان واقف رھيس ـ ھن جو رويو سدائين ڀوڳ ۽ پيار وارو رھيو ـ ھن مون لاء منھنجي صحافتي استاد جيان مدد ڪئي ، جو وک وک تي گڏ ھليو پر آخري دور ۾ اسان جو ملڻ نه ھجڻ برابر ٿي ويو ـ ھو سنڌ جي ھڪ ناليواري سنڌي اخبار جو بيوروچيف ٿي ويو ۽ مان روزگار جي لاء ڪوششون ڪندي بس سروس بليو لائنز ۾ 17 سال، اينگرو جي ڪينٽين ۾ مينئيجر 11 سال روزاني عوامي آواز اخبار ۾ بيوروچيف 11 سال ۽ ٻيونـ ڪيتريون ننڍين وڏين خانگي نوڪرين ۾ مصروف رھيس ـ بعد ۾ شبير بيدار ڀٽو جي وفات تي ڏکياريو ٿيس. سندس جنازي ۽ ٽيھجي ۾ ڳوٺ پھچي شرڪت ڪيم ۽ گذريل 9 سالن کان ھن جي ورسي تي مضمون لکندو رھيو آھيان ـ اڄ شبير کي وفات ڪي 9 سال ٿي ويا آھن پر سندس ڳالھيون ۽ يادون اڄ به تازيون آھن ۔
ھو ھر وقت ھر ھنڌ کل ڀوڳ ڪرڻ جو ماھر ھو ـ ھو سخت بيمار ھجڻ باوجود کل ڀوڳ ڪندو رھندو ھو ـ ڪنھن کي به تصور ۾ نه ھو ته ھو جلد انھيء جھان ڏانھن ھليو ويندو جتان ڪوبه واپس ناھي آيو ـ سندس سموري حياتي مالي پريشانين ۾ گذري ـ ننڍپڻ کان ۾ پورھيت طبقي جي مشڪلات کي سمجھندي ان جي نجات جي سياست ۾ پير پاتو ـ ھن جي اولاد پڻ مشڪل مالي حالتن ۾ رھندي پئي اچي ـ اڄ سندس 9 ورسي تي سندس ڇڏيل ادب ۽ صحافتي پورھي کي ريڪارڊ تي آڻن لاءسندس گھڻ گھرن دوستن ۽ ساٿين کي وچن ڪرڻ گھرجي ـ صحافتي دنيا ظالم دنيا آھي ـ
شبير بيدار ڀٽو 15 آڪٽوبر 2016 ع تي وفات ڪري ويو ـ سندس قبر باگي ڀٽي ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ آهي.