ڊي سي ٺٽو پاران مختلف يونين ڪائونسلن جا دورا، پوليو مهم جي ڪارڪردگي جو جائزو

ڊي سي ٺٽو پاران مختلف يونين ڪائونسلن جا دورا، پوليو مهم جي ڪارڪردگي جو جائزو

ٺٽو( شفيق ڀٽي)ڊي سي ٺٽو پاران مختلف يونين ڪائونسلن جا دورا، پوليو مهم جي ڪارڪردگي جو جائزو، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو پوليو جي خاتمي لاءِ جاري مهم جي ٽئين ڏينهن به يونين ڪائونسل ڪلا ڪوٽ ۽ اگھيماني سميت مختلف علائقن جو اوچتو دورو ڪري مهم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو۔ ان موقعي تي هن گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي عمل جو معائنو ڪيو ۽ ٽيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ۔ ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل آفيسرن ۽ عملي کي هدايت ڪئي ته ڪو به ٻار پوليو جي ويڪسين کان محروم نه رهي ۽ جن والدين پاران انڪار ڪيو وڃي انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪري ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کي يقيني بڻايو وڃي۔ هن پختي حوصلي جو اظهار ڪيو ته ضلعي ٺٽو کي پوليو کان مڪمل طور پاڪ ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميه ، صحت کاتو ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا مڪمل ذميواري ۽ جذبي سان ڪم ڪري رهيا آهن۔ ڊپٽي ڪمشنر والدين کي پر زور اپيل ڪئي ته هو پوليو ٽيمن سان ڀرپور سهڪار ڪن ته جيئن هر ٻار کي معذوري کان بچائي سگهجي۔