ٺٽي ۾ پورهيت جو 3 ڏينهن اڳ ڦر ٿيل موٽرسائيڪل جي واپسي لاءِ احتجاج

ٺٽي ۾ پورهيت جو 3 ڏينهن اڳ ڦر ٿيل موٽرسائيڪل جي واپسي لاءِ احتجاج

ٺٽو ( شفيق ڀٽي)ٺٽي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل، موٽرسائيڪل ڦر جا واقعا وڌي ويا. تفصيل موجب ٺٽي ضلعي ۾ بدامني جا واقعا تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. ٽي ڏينهن اڳ ڄرڪا هوٽل برانچ موري جي رهواسي پورهيت علي نواز سولنگي، سندس ڀاءُ غلام قادر سولنگي ۽ توفيق سولنگي کان سندن سال 2022 ماڊل جي ڳاڙهي سي ڊي موٽرسائيڪل (نمبر: KPW-6056) ڦر ٿي وئي، جيڪا اڃا تائين واپس نه ٿي سگهي آهي. پورهيت علي نواز سولنگي ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هو ڪراچيءَ مان فيڪٽري ۾ ڪم ڪري موٽندي پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيا هئا. ته رات جو 12 وڳي درگاهه پير محمد علي شاهه، نوري سرجيڪل اسپتال ڀرسان هٿياربند کين يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل، هڪ ٽيڪنو موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦري فرار ٿي ويا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ھنن ڦر بعد مدد لاءِ شور به ڪيو ، پر ٿوري فاصلي تي موجود پوليس اهلڪارن به سندن ڪا مدد نه ڪئي . جڏهن ته فوري طور 15 تي ڪال ڪرڻ باوجود پوليس هڪ ڪلاڪ دير سان پهتي ۽ کين مڪلي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرڻ جو مشورو ڏنو. رپورٽ داخل ڪرائڻ جي ٽن ڏينهن گذرڻ باوجود به متاثر پورهيت علي نواز سولنگي کي سندس موٽرسائيڪل واپس نه ملي سگهي آهي. هن ايس ايس پي ٺٽو، ڊي آءِ جي حيدرآباد ريجن ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي آهي ته سندن ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان کين واپس ڏياريو وڃي. ٻي طرف ھتان جي سماجي ۽ سياسي ڌرين گجو کان مڪلي جي وچ ۾ وڌندڙ موٽرسائيڪل ڦر جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اعليٰ اختيارين کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.